گهر ۽ آدمشماري جي بنياد تي صوبي توڙي ضلعن کي وسيلن جي ورڇ ، روزگار جاموقعا ۽ ترقياتي منصوبا مهيا ٿيندا: علي احمد لنڊ
حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽري / ڊي سي او ٽنڊو محمد خان علي احمد لنڊ عوامي نمائندن ، ضلعي عملدارن ، سول سوسائٽي ، تاجران فيدريشن ، قومپرست ڌرين ۽ ميڊيا جي نمائندن تي زور ڀريو آهي ته اهي 5 اپريل 2011 کان شروع ٿيندڙ گهرشماري ۾ ڀرپور حصو وٺي عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن _ اها ڳالهه هن اڄ ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي نمائندن ، ضلعي عملدارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان رٿيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چئي _ هن ٻڌايو ته گهر شماري کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ لاءِ سندس سربراهي ۾ ضلعي پوليس آفيسر، اي ڊي او روينيو ، سينسز ڊسٽرڪٽ آفيسر، ڊي او ايجوڪيشن ، ڊي او سوشل ويليفيئر ۽ پ پ اڳواڻ آپا سڪينه تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي آهي جڏهن ته ٽنهي تعلقن جي ڊي ڊي اوز روينيو جي سربراهي ۾ تعلقي سطح تي ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن _ هن ٻڌايو ته گهر ۽ آدمشماري لاءِ روينيو کاتي پاران علائقي جي حد بندي، ديهن جي نقشن جي تياري، بلاڪنگ ۽ ڪوڊنگ سسٽم جو ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي _ ان کان علاوه تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ٻوڏ متاثر علائقن جي سروي، چارج سپرنٽينڊنٽس، سرڪل سپروائيزرس ۽ انيومريٽرز جي حتمي فهرست پڻ مڪمل ڪئي وئي آهي _ هن چيو ته گهر ۽ آدمشماري هڪ قومي فرض آهي جنهن ۾ حڪومتي مشينري سان گڏ معاشري جي هر طبقي جو سهڪار پڻ تمام ضروري آهي _ هن چيو ته گهر ۽ آدمشماري جي بنياد تي صوبي توڙي ضلعن کي وسيلن جي ورڇ ، روزگار جاموقعا ۽ ترقياتي منصوبا مهيا ٿيندا ۽ ان اهم ڪم لاءِ گهربل اپاءُ اختيار ڪيا وڃن جڏهن ته ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي برداشت نه ڪيو ويندو _ هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ٻهراڙي ۾ ٽڙيل پکڙيل آبادي، لاڏائو قبيلن سميت روزگار لاءِ لڏ پلاڻ ڪندڙن جي گهر ڳڻپ کي پڻ يقيني بڻائين _ هن، گڏجاڻي ۾ شريڪ ڌرين تي زور ڀريو ته جيڪڏهن ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي وڃي ته ان جي نشاندهي ڪري ان بابت حڪومت کي آگاهه ڪيو وڃي _هن چيو ته گهر ۽ آدمشماري لاءِ تعليم کاتي جي استادن جي تربيت جاري آهي ته جين ان عمل کي بهتر ۽ شفاف نموني سان ادا ڪري سگهجي _ هن اي ڊي او ايجوڪيشن کي هدايت ڪئي ته هو تربيت دوران غير حاضر رهندڙ استادن کي ٻن ڏينهن جي وارننگ جاري ڪري ۽ وڌيڪ غير حاضري تي کين معطل ڪيو وڃي _گڏجاڻي ۾ پ پ پ جي ضلعي صدر حاجي امن لاکو چيو ته پارٽِي پاران گهر ۽ آدمشماري ۾ ڀرپور حصووٺڻ ۽ ان بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پ پ پ جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن تي مشتمل تعلقي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن _ هن چيو ته آمريتي دورن ۾ ٿيل گهر ۽ آدمشماري ۾ سنڌ کي انظر انداز ڪيو ويو پر هن وقت پيپلزپارٽي جي عوامي حڪومت آهي ان ۾ هر ڪم عوام جي مفاد ۾ ڪيو پيووڃي _ هن چيوته مستقبل ۾ وسيلن جي ورڇ ، روزگار جاموقعا ۽ ترقياتي ڪم آدمشماري جي بنياد تي ملندا هئا انڪري هڪ ننڍڙي جهوپڙي کان وڏي عمارت ، نئين ڄمندڙ ٻار کان ويندي وڏي ڄمار جي بزرگ تائين جي ڳڻپ کي يقني بڻايو وڃي_ هن چيو ته ان قومي مقصد ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي _ بعد ۾ 10 اپريل 2011 کان شروع ٿيندڙ ”منهنجو ٽنڊو محمد خان“ فيسٽول منعقد ڪرائڻ لاءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊي سي او ضلعي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو فيسٽول کي ڪامياب بڻائڻ ۽ ضلعي جي تاريخ، ادب ، ثقافت ۽ هنرمندي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني تياري ڪن _ گڏجاڻي ۾ پ پ پ اڳواڻن حاجي علي اڪبر خاصخيلي ، نور محمد ويسريو، ڊاڪٽرمحمد ايوب جت، عبدالڪريم لاشاري شرڪت ڪئي جڏهن ته سينيئر صحافي غلام نبي ڪيريو ، رمضان شورو ۽ وصي قريشي پڻ ان موقعي تي موجود هئا