ڪنهن به علائقي ۾ ڪو به مسئلو هجي ته عملدار تعلقي قاسم آباد ۾ سندس نگراني ۾ قائم ڪيل”گهرشماري واري سيل“ سان لهه وچڙ ۾ اچن: زاهد علي ڀرڳڙي
حيدرآباد: صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد جو صدرپڻ آهي گهرشماري واري عملي کي هدايت ڪئي آهي ته کين ڪنهن به علائقي ۾ ڪو به مسئلو هجي ته هو تعلقي قاسم آباد ۾ سندس نگراني ۾ قائم ڪيل”گهرشماري واري سيل“ سان لهه وچڙ ۾ اچن _ اهڙِي هدايت هن اڄ گهرشماري جي حوالي سان ڊي ڊي او روينيو قاسم آباد ۽ گهرشماري واري عملي سان منعقد ڪيل هڪ اهم گڏجاڻي ۽ سيد سليم شاهه بخاري، روشن سولنگي، اقبال سومرو، اختر ڀرڳڙي، رياض سولنگي ، عامرقادري ، راجا قادري ۽ پ پ پي ايس _47 جي سمورين يونين ڪائونسلن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽري سان گڏجي پي ايس 47 جي يونين ڪائونسل 2 جي تفصيلي دوري دوران ڪئي _ صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي چيو ته گهرشماري اسان جو قومي فرض آهي ۽ جيڪڏهن گهرشماري واري ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ڪئي وئي ته سنڌ ڌرتي اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي _ هن، يوسي نمبر هڪ قاسم آباد ۾ قائم ڪيل ماما رند جي آفيس جو پڻ دورو ڪيو ۽ ماسترن کان تفصيلي ڄاڻ ورتي ۽ کين مارڪر،پينون ۽ رنگ جا دٻا ڏنا _ ان موقعي تي هن يونين ڪائونسل نمبر 2 ۾ گهرشماري بابت قائم ڪيل آفيس جو پڻ دورو ڪيو ۽ عزيز ميمڻ کان بريفنگ ورتي _ بعد ۾ زاهد علي ڀرڳڙي يونين ڪائونسل نمبر 4 جي سڄڻ ڏيٿو، شجاع پالاري، بڊهو پالاري ڳوٺن ۽ پارٽي ورڪرن سميت ڪارڪنن کي پڻ ان ڳالهه جو پابند ڪيو ته اهي گهرشماري واري عملي سان ويجهي رابطي ۾ رهن ۽ گهرن جي ڳڻپ واري ڪم جي شفافيت جو خاص خيال رکن_ ان موقعي تي حنيف ڳاهو، احمد سومرو ، نظير سولنگي ، ارشد ڏيٿو ۽ ٻيا پارٽي ورڪر موجود هئا