دادو

ڊڪٽيٽر جي دور ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جوڙي ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو: پير مظهر الحق

دادو: سينيئر وزير تعليم پير مظهر الحق چيو آهي ته هائر ايجوڪيشن صوبائي سبجيڪٽ آهي ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي ڪرسي وڃڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي ڏهن سالن کان ڊڪٽيٽر جي هنج ۾ ويٺل مافيا پارليامينٽ جي فيصلي کي چئيلنج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، سينيئر وزير تعليم گرلز ڊگري ڪاليج Pir Mazharداو جي ساليانا تقريب کي خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ماضي ۾ يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن يونيورسٽين کي فنڊس مهيا ڪندي هئي جڏهن ته ڊڪٽيٽر جي دور ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جوڙي ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، هن چيو ته سنڌ کي صرف 891 اسڪالرشپس ڏنيون ويون، سينيئر وزير تعليم وڌيڪ چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه جي يونيورسٽين جي وائس چانسلرن هائر ايجوڪيشن کي صوبن حوالي ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته چارئي صوبا هائر ايجوڪيشن کي سنڀالڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن ته صوبائي سطح تي هائر ايجوڪيشن ڪميشنون قائم ڪيون پيون وڃن، ان سلسلي ۾ جلد آئيني ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر رضا رباني جي سربراهي ۾ چئني صوبن جي تعليم وارن وزيرن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ اتفاقِ راءِ سان فيصلو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير تعليم چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن ڪاليجن ۾ استادن جي سخت کوٽ آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ 400 ليڪچرارن جون بدليون ڪري کوٽ ختم ڪئي وئي آهي، جنهن جي استادن جي ويلفيئر تنظيم سپلا ڌپلا مخالفت ڪري رهي آهي ان چيو ته اگر سڀني استادن کي شهرن ۾ رکيو وڃي ته ٻهراڙي جي شاگردن کي ڪير پڙهائيندو. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر وزير تعليم پير مظهر الحق چيو ته سنڌ جي ٻهراڙين جي شاگردن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي جنهن جو مثال اڄ جي تقريب آهي. جنهن ۾ شاگردن ۽ استادن تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، ان چيو ته گرلز ڊگري ڪاليج دادو لاءِ ٽي اسڪيمون منظور ڪيون ويون آهن، جنهن 1.2 ملين جي لاڳت سان ٽيچرس هاسٽل تعمير ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪاليج جي مرمت ۽ تزئين ۽ آرائش سميت ڊگري ڪاليج کي اپگريڊ ڪري پوسٽ گريجوئيٽ جو درجو ڏنو ويندو. ان چيو ته صدر آصف علي زرداري دادو ۾ سنڌ يونيورسٽي جو ڪيمپس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته پير الاهي بخش لا ڪاليج ۽ شهيد بينظير انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمنٽ سائنسز تعمير ڪيو پيو وڃي ته جيئن دادو ۽ آس پاس جي شاگردن ۽ خاص طور تي نياڻين کي ڄامشورو ۽ ٻين ڏوران علائقن ڏانهن نه وڃڻو پوي. سنيئير وزير تعليم پير مظهر الحق چيو ته آءِ بي آي جي تعاون سان دادو ۾ ڪميونٽي ڪاليج قائم ڪيو پيو وڃي جنهن کي آغا خان بورڊ سان منسلق ڪيو ويندو ڇا ڪاڻ ته سرڪاري بورڊن ۾ امتحان وٺڻ جي صلاحيت ئي نه آهي. بعد ۾ سينيئر صوبائي وزير بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي شاگردياڻين ۽ استادن ۾ انعام ٽرافيون ۽ تعارفي سرٽيفيڪيٽ ورهايا، ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپل آپا سبحان بيگم، ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز برڪت علي رضوي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button