ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گذريل رات هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو
حيدرآباد : سنڌ جي تاريخ کي پنهنجي ڏاهپ ۽ دانشمندي سان سهيئڙيندڙ ۽ نوجوان نسل ۾ سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ پکيڙيندڙ ناليوارو محقق، اديب، تاريخدان، تعليمدان ۽ سنڌ جي اڪابر شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گذريل رات هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي اڄ شام سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار جي پاسي ۾ هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو _ ان کان اڳ سنڌي مسلم سوسائٽي حيدرآباد ۾ سندس رهائشگاهه آڏو تڏو وڇايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي سياستدانن، اديبن، محققن، تاريخدانن، تعليمدانن، سماجي ڪارڪنن، سرڪاري عملدارن ۽ عام ماڻهن شرڪت ڪئي _ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وزير ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ جهڙا ڏاها، مدبر، مفڪر ۽ تاريخدان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن _هن چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ هڪ تمام سهڻي طبيعت جو مالڪ هو جيڪو سچ سان محبت ۽ ڪوڙ سان نفرت ڪندو هو _ هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه ڀٽائي جو وڏو پارکو هو جنهن شاهه سائين جي شاعري تي وڏو ڪم ڪيو _ هن چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٻاراڻي ادب کان وٺي سنڌي ادب سميت سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، لسانيت، ثقافت توڙي سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ذاتين ۽ ٻولين ۽ پهاڪن تي جامع ڪتاب لکي سنڌ جي عوام تي وڏو احسان ڪيو _ هن چيو ته سندس مختلف موضوئن تي 160 کن ڪتاب ڇپيل آهن ۽ ڪافي اڻ ڇپيل مواد به پويان ڇڏيو آهي _ هن چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي پاڻ ۾ هڪ تاريخ هو _ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سنڌ جي ناليواري ڏاهي محمد ابراهيم جويي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو موت سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌي ادب لاءِ تمام وڏو سانحو آهي جنهن جو خال صدين ۾ نٿو ڀرجي سگهي _هن چيو ته مرحوم سادي طبيعت جو مالڪ هو جنهن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي نوجوانن ۽ سنڌي ادب توڙي سنڌ جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو _ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلرمظهر الحق صديقي چيو ته سنڌي ادب لاءِ سائين جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لاڏاڻي کانپوءِ سنڌ هڪ عظيم ليکڪ ۽ تاريخدان کان محروم ٿي وئي ۽ڊاڪٽر بلوچ جهڙا ماڻهو ورلي پيدا ٿيندا آهن