حيدر آباد

ڊاڪٽر بلوچ اهو اڪابر آهي جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي سنڌ جي تاريخ ، لسانيت ۽ لغت تي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو اسان سمورن لاءِ املهه خزانو آهي: سرفراز راڄڙ

حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سرفراز راڄڙ جيڪو پ پ پ ڪلچر ونگ سنڌ جو صدر پڻ آهي تنهن چيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ ڊاڪٽر بلوچ اهو اڪابر آهي جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي سنڌ جي تاريخ ، لسانيت ۽ لغت تي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو اسان سمورن لاءِ املهه خزانو آهي جنهن کي سهيئڙڻ جي سخت ضرورت آهي _ اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌي لينگويج اٿارٽِي جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ منعقد ڪيل تعزيتي ميڙاڪي کي پنهنجو صدارتي خطاب ڪندي ڪيو . هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جو سچو عاشق هيو جنهن تحقيق کي نواڻ ڏني ۽ شاهه سائين جي شاعري تي تمام گهڻو ڪم ڪيو جنهن ڪري سنڌ توڙيBalouch سنڌ جا ماڻهو ڊاڪٽر بلوچ جهڙي اڪابر تي فخر محسوس ڪن ٿا. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي سونهن هو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار پنهنجي ماڻهن جي اوني ۾ گذاري ڇڏي . هن چيو ته پ پ پ پنهنجي اهڙن اڪابرن جو قدر ڪري ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪافي اهم پاليسين ۽ معامرن تي ڊاڪٽر بلوچ سان مشاورت ڪئي ۽ سندس ڏنل تجويزن تي عمل ڪيو . هن چيو ته شهيد ڀٽي پنهنجي دور ۾ بلوچستان ۾ زور وٺندڙ بلوچ تحريڪ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ به ڊاڪٽر بلوچ سان صلاح مشورا ڪيا ۽ سندس ڏنل تجويزن تي عملدرآمد ڪري بلوچ تحريڪ کي ٿڌو ڪيو ويو .سرفراز راڄڙ چيو ته حڪومت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪيل ڪم کي نه صرف هتي پر ٻاهرين دنيا ۾ به متعارف ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻندي ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر بلوچ هڪ شخصيت نه پر هڪ ادارو هو جنهن اڪيلي سر ايترو ته تاريخي ڪم ڪيو جيڪو ڪيترائي ادارا گڏجي به ڪري نٿا سگهن . هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ هڪ تاريخ آهي ۽ تاريخ ڪڏهن به مرندي ناهي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جهڙا ماڻهو هميشه زنده رهڻا آهن . ان موقعي تي تعزيتي ميڙاڪي کي خاص مهمان طور ڊاڪٽر شريف بلوچ جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان جو وڏو فرزند آهي پنهنجون ساروڻيون ساريندي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نه صرف محقق ، اديب ۽ دانشور هو پر هو هڪ شفيق انسان ۽ پيءُ به هو جنهن پنهنجي اولاد جي پرورش بهترين طريقي سان ڪئي ۽ پنهنجي تر ۾ هر هڪ ماڻهو سان شفيق انسان وارو رويو رکيو ۽ پنهنجي علائقي ۾ نه صرف تعليم جي شعبي جي واڌاري لاءِ جدوجهدڪئي پر اتي جي ماڻهن کي تعليم پرائڻ لاءِ اتسايو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ سندس ڳوٺ مان اٽڪل اٺ نو سي ايس پي آفيسر آهن جڏهن ته ڪيترائي ٻيا وڏن عهدن تي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن .هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ عالمي شخصيت جو مالڪ هو ۽ پنهنجي سموري زندگي سادگي سان گذاري. تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سنڌ جي ناليواري اديب، ليکڪ ۽ دانشور حميد سنڌي ڊاڪٽر بلوچ تي روشني وجهندي چيو ته وٽس اهڙا لفظ نه آهن جنهن سان ڊاڪٽر جي شخصيت تي روشني وجهي سگهجي . هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو جنهن جي شخصيت جي هر رخ تي تحقيق طلب آهي _ هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي ماڳن، مڪانن ، راڳ ۽ ٻين صنفن جو اٿارٽي هو جنهن سنڌ ۾ تحقيق جا جديد طريقا متعار ڪرايا .هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ هڪ عظيم انسان جيڪو برصغير جو پهريون پي ايڇ ڊي پڻ هو _ تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اڳوڻي بيوروڪريٽ ۽ ليکڪ گل محمد عمراڻي چيو ته ڊاڪٽر بلوچ لوڪ ادب سميت سنڌ جي ڪلاسيڪل موسيقي تي مشتمل مختصر تاريخ مرتب ڪئي ۽ سنڌ جي رهڻي ڪهڻي ، ذاتين ، پهاڪن ۽ گجهارتن تي تفصيلي ڪتاب لکي وڏو ڪم ڪيو _تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي سيڪريٽري ۽ ناليواري اديب تاج جويو چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جهڙوڪيل ڪم نه ته اڄ ڏينهن تائين ڪنهن ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ جي ڪيل ڪم کان نوجوان نسل کي آگاهي ڏيڻ ۽ ان ڪم مان رهنمائي وٺڻ ئي حقيقت ۾ ڊاڪٽر بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي _ تعزيتي ميڙاڪي کي ٻين کان علاوه ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ ، شاعر عنايت بلوچ ، سينيئر صحافي ۽ ليکڪ پروانو ڀٽي، پروفيسر محمد لائق زرداري، پروفيسر محمد يعقوب مغل کان علاوه ٻين ڏات ڌڻين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي زندگي ۽ سندس ڪيل ڪم تي روشني وڌي _ ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽماهي مهراڻ رسالي جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ نمبر ڪڍڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button