ڊاڪٽر اين بلوچ جي وفات کانپوءِ ادب ۽ تحقيق جي شعبي هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي: سسئي پليجو
حيدرآباد: سنڌ جي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو سنڌ جي نامياري محقق ، ليکڪ، تاريخدان ۽ تعليمدان ڊاڪٽر اين بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪندي ثقافت کاتي پاران هلندڙ سال پهرين مرحلي ۾ 50 لک روپين سان سنڌ يونيورسٽي ۾ چيئر قائم ڪرڻ ، جنهن لاءِ وڌيڪ 5 ڪروڙ روپيا منظور ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي چيو ويندو ، ان سميت سندس رهيل ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ سندس ڪتابن کي شايع ڪرڻ ، سنڌ ميوزيم جي آرٽ گئيلري ۾ سندس نالي تي ڪارنر قائم ڪرڻ ۽ ڀٽ شاهه ايڪسيلينس سينٽر کي ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي نالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي – هو اڄ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي پاران سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي ۽ سنڌ ادبي سنگت جي سهڪار سان ڊاڪٽر اين اي بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيل تعزيتي ريفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪري رهي هئي – هن چيو ته ڊاڪٽر اين بلوچ جي وفات کانپوءِ ادب ۽ تحقيق جي شعبي هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي – صوبائي وزير چيو ته ڊاڪٽر اين بلوچ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو جنهن لوڪ ادب ، شاه لطيف ، تاريخ ۽ تعليم جي ميدان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو – هن چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ هڪ نفيس ۽ عاجز طبع انسان هو جيڪي هڪ وڏي ماڻهو هئڻ جون اهم نشانيون آهن – هن چيو ته ٻوڏ کانپوءِ ثقافت کاتي بجيٽ گهٽتائي ۽ ٻين مالي مسئلن باوجود به کاتي پاران سنڌ جي نامور فنڪارن ، اديبن ۽ شاعرن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي ۽ هن مهل تائين سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارين شخصيتن جي علاج معالجي ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪرڻ مالي مدد ڪري چڪا آهيو جنهن جو رڪارڊ موجو د آهي – تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن پاران سنڌ جي ناليواري اديب طارق عالم ابڙو جي علاج ڪرائڻ واري مطالبي جي جواب ۾ صو بائي وزير ثقافت يقين ڏياريو ته هو ان ڏس سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ڳالهائيندي –هن چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ڪراچي ۾ پڻ هڪ تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويندو- تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ جي ناليواري ڏاهي محمد ابراهيم جويو چيو ته چڱن جي چڱائي کي هميشه ياد رکيو ويندو آهي ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ پڻ انهن چڱن ماڻهن مان هڪ هو ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ پنهنجي پاڻ ۾ هڪ تاريخ هو ۽ مون پڻ سندس رهنمائي ۾ ڪم ڪيو آهي – هن چيو ته اين اي بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ان رهيل ڪم کي پورو ڪري ان کي ايندڙ نسل تائين منتقل ڪجي – محمد ابراهيم جويو وڌيڪ چيو ته مرحوم سنڌي ٻولي جي ترقي ، علمي ، تدريسي ، تاريخ ۽ ادب وارن شعبن جي ترقي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي – تقريب ۾ آجياڻي وارو خطاب ڪندي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ هڪ عالمي شخصيت جو مالڪ هو جنهن پنهنجي زندگي جو هڪ هڪ لمحي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪئي – هن چيو ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو جنهن شاهه لطيف جي شاعري تي مثالي ڪم ڪيو آهي – اڄ هو اسان سان گڏ ته نه آهي پر سندس ڪم هميشه اسان گڏ رهندو – هن يقين ڏياريو ته ثقافت کاتي پاران سنڌ جي عظيم شخصيتن جي خدمتن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هميشه وانگر پنهنجو سهڪار جاري رکندي – ان کان اڳ اين بلوچ جي پٽ علي محمد بلوچ ۽ سندس نياڻي آمنه بلوچ کي سندس والد جي ڪيل خدمتن جي مڃتا طور ثقافت کاتي ۽ ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن پاران شيلڊون پڻ ڏنيون ويون- ان موقعي تي آغا سليم ، مظهر الحق صديقي ،جامي چانڊيو ، حميد سنڌي، نصير مرزا، قاسم ٻگهيو ، مشتاق ڦل، پروفيسر سليم ميمڻ ، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو