گھوٽڪي

هر علائقي ٿر، بر ڪچي ۽ پڪي ۾ پهرين مرحلي ۾ 5 اپريل کان 19 اپريل تائين گهر شماري ڪئي ويندي : ڌاريجو

Dharejoگهوٽڪي : ايم پي اي ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو ۽ ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي گهوٽڪي ۾ گهوٽا مارڪيٽ جي غريب آباد محلي ۾ آدم شماري 2011 جي پهرين مرحلي ۾ گهر شماري جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي جي هر علائقي ٿر، بر ڪچي ۽ پڪي ۾ پهرين مرحلي ۾ 5 اپريل کان 19 اپريل تائين گهر شماري ڪئي ويندي جڏهن ته سيپٽمبر 2011 ۾ ٻئين مرحلي دوران آدم شماري ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ عملي کي سخت هدايتون ڪيون ويون آهن ته جيئن ڪوبه ماڻهو رهجي نه وڃي. ان سلسلي ۾ ڊي سي او آفيس گهوٽڪي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهر شماري کان رهجي وڃي ته هو ڪنٽرول روم تي اهڙو اطلاع ڪن ته جيئن عملي کي ان علائقي تائين پهچائي سگهجي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي ماڻهن کي گذارش ڪئي ته هو آدم شماري دوران عملي کي صحيح انگ اکر فراهم ڪن ڇاڪاڻ ته صحيح انگ اکر هئڻ جي ڪري ضلعي گهوٽڪي جي آئنده ترقياتي ڪمن ۽ انهن کي فنڊ سٺي نموني ملي سگهن. ان موقعي تي ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي ڳالهائيندي چيو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ گهر شماري لاءِ 470 اليمينيٽرس ۽ 116 سرڪل سپروائيز رکيا ويا آهن ۽ هر هڪ اليمينيٽر 200 کان 250 گهر شماري ڪندو جيڪا 15 ڏينهن اندر ڏنل ٽاسڪ پورو ڪندا جنهن کي هڪ ڪاميٽي مانيٽر ڪندي ۽ اليمينيٽرس جي ڪارڪردگي کي روزانو جي بنيادن تي ڏٺو ويندو ۽ عملي کي مڪمل ٽريننگ ڏني وئي آهي
رپورٽ :سيد اختر بخاري

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button