حيدر آباد

نوجوان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: آفتاب احمد کتري

HOLD MEETحيدرآباد: ڊي سي او حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام وسيلي تريبت حاصل ڪندڙ نوجوان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا _ اهڙو اظهار هن اڄ شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي مختلف شعبن جي فوڪل پرسن سان منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو _ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام ملڪ جي غريب، بيروزگار ۽ باصلاحيت نوجوان شاگرد ۽ شآگردياڻين لاءِ شروع ڪيو ويو جنهن پروگرام تحت سنڌ جي هزارين بيروزگار نوجوان تربيت حاصل ڪري مختلف شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ٽئين مرحلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي تربيت ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪيو ويندو _ هن وڌيڪ چيو ته تربيت حاصل ڪرڻ وارن نوجوانن کي گهرجي ته اهي باقائدگي سان سکيا حاصل ڪن ۽ غيرحاضري کان پاسو ڪن ته جيئن کين معياري تربيت حاصل ٿي سگهي _ان موقعي تي پروگرام جي سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آشف اقبال ميمڻ گڏجاڻي کي ٻڌايو ته پروگرام جي ٽئين مرحلي تحت حيدرآباد ضلعي جي نجي شعبي ٽريننگ ونگ فيز ٿري ۾ 600 نوجوانن ، صحت کاتي ۾ 417 ۽ زراعت کاتي ۾ 65 نوجوانن کي فني تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي جن کي تربيت مڪمل ڪرڻ بعد سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا _ ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ سمورن واسطيدار عملدارن شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button