موجوده حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس کي ٻيهر کولي عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪيو: سسئي پليجو
حيدرآباد: صوبائي وزيرثقافت سسئي پليجو پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته شهيداتحاد جي هڪ سڃاڻپ آهي جنهن ٽئين دنيا جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري اسلامي بلاڪ بڻايو ۽ هن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ ملڪ جي غريب ماڻهن ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻايو _ اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي ٽن ڏينهن واري تصويري ۽ ڪتابن واري نمائش جي دوري دوران ڪيو _نمائش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي، سياسي جدوجهد ۽ سندس زندگي جي آخري لمحن بابت 150 کان وڌيڪ تصويرن ۽ ناليواري ليکڪن جا لکيل 63 ڪتاب رکيا ويا_صوبائي وزير ثقافت نمائش جي اهتمام تي ثقافت کاتي جي انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي عظيم شخصيتن جي زندگي بابت اهڙي قسم جي نمائش سان ماڻهن خاص طور تي ايندڙ نسل کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ڇاڪاڻ ته اسانجي ملڪ جي عظيم هيروز ۽ ليڊرز جي جدوجهد ۽ ڪاميابين بابت ايندڙ نسل کي آگاهه ڪرڻ اسانجي ذميواري آهي _ هن چيو ته ثقافت کاتو اهڙي قسم جي نمائش جو اهتمام ڪندي رهندي بلڪه مستقبل ۾ به ثقافت کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي _ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سسئي پليجو چيو ته موجوده حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس کي ٻيهر کولي عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪيو_ هن چيو ته چونڊيل نمائندن سان گڏجي، گهرشماري ۽ آدمشماري بابت سمورن معاملن ۽ خدشن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ۽ اميد آهي ته سمورا معاملا اتفاق راءِ سان حل ڪيا ويندا _هن چيو ته ڪنهن به ڊي سي او کي پنهنجي مرضي سان پنهنجي ماتحت ڀرتي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي _ ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فرحين مغل به صوبائي وزير سان گڏ هئي ۔