حيدر آباد

مستقبل جي ترقي، ملازمتن جي حصي ۽ ترقياتي فنڊ مان صوبي کي ملندڙ حصي جو دارو مدار به شفاف ۽ صحيح آدمشماري ۽ گهرشماري تي ٻڌل آهي: زاهد علي ڀرڳڙي

censusحيدرآباد: صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي جيڪو پ پ پ حيدرآباد ضلعي جو صدر پڻ آهي تنهن ضلعي جي ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي آدمشماري ۽ گهرشماري واري عمل دوران بهتر نموني پنهنجن گهرن ۽ خاندان جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غلطي جي ڪا به گنجائش ڪانهي . اهڙو اظهار هن اڄ هلندڙگهرشماري واري عمل جي نگراني جي سلسلي ۾ قاسم آباد جي يونين ڪائونسل 4 ۽ ديهه شاهه بخاري ۾ مختلف ڳوٺن جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. دوري دوران قومي اسيمبلي جو ميمبر سيد امير علي شاهه ڄاموٽ، پ پ تعلقه قاسم آباد جو صدر اقبال سومرو، سيد سليم شاهه بخاري ۽ رياض سولنگي پڻ ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير زاهدعلي ڀرڳڙي پٺاڻ ڳوٺ، محمد بخش شورو، باگراڻي، علي حسن ٻٻر، علي نواز خاصخيلي ۽ محمد شفيع بروهي ڳوٺن جي دورو ڪيو ۽ اتي هلندڙ گهرشماري واري عمل جو تفصيلي جائزو ورتو . ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي ۽ ايم اين اي سيد امير علي شاهه ڄاموٽ چيو ته مستقبل جي ترقي، ملازمتن جي حصي ۽ ترقياتي فنڊ مان صوبي کي ملندڙ حصي جو دارو مدار به شفاف ۽ صحيح آدمشماري ۽ گهرشماري تي ٻڌل آهي _ هن چيو ته اڳوڻين حڪومتن پاران مختلف وقتن تي ڪرايل آدمشماري ۾ سنڌ جي ماڻهن سان تمام گهڻي ناانصافي ڪئي وئي ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي ماڻهن تمام گهڻو ڀوڳيو آهي پر هن وقت پ پ پ جي والهانه قيادت ۾ سنڌ جي ماڻهن ۾ شعور اچي چڪو آهي ۽ اهي پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجن گهرن جي بهتر طريقي سان ڳڻپ کي يقني بڻائيندا ته جيئن سنڌ پنهنجي آبادي جا آڌار تي ترقياتي فنڊ ۽ روزگار جو جائز حصو حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري سگهي _هن چيو ته پ پ پ عوام کي خوشحال بڻائي پاڪستان کي خطي ۾ معاشي طور مستحڪم ملڪ بڻائڻ لاءِ محترمه بينظيرڀٽو شهيد جي مشن کي پورو ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي _هن واسطيدار عملدارن سميت پ پ پ ضلعي حيدرآباد جي عهديدارن کي هدايت ڪئي ته اهي مختلف علائقن جو دورو ڪري گهر شماري واري عمل دوران رهجي ويل علائقن جي نشاندهي ڪن ته جيئن انهن گهرن کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪري سگهجي _ هن عملدارن کي چتاءُ ڏنو ته هو ڳڻپ واري عمل کي شفاف بڻائي ۽ ڪنهن سان به ناانصافي ڪرڻ کان پاسو ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button