خيرپور

فيض گنج تعلقي ۾ پوليو جي بچاءُ جي ڦُڙن جي پيارڻ جا انڪاري ڪيس وڌيڪ آهن: ڊي سي او خيرپور

خيرپور: ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او محمد عباس بلوچ جمعي ڏينهن درٻار هال ۾ نائين مئي کان يارهين مئي تائين شروع ٿيندڙ پوليو جي بچاءُ جي ڦڙن واري مهم جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڊي س او ٻڌايو ته دنيا ۾ پوليو جهڙو موذي مرض جي خاتمي لاءِ مختلف اُپاءُ ورتا ويا آهن جڏهن ته دنيا ۾ پاڪستان، افغانستان، انڊيا ۽ ناجيريا ۾

DCO Meeting
خيرپور:ڊي سي او محمد عباس بلوچ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي
اڃان تائين پوليو جا ڪيس ظاهر ٿين ٿا جن جي خاتمي لاءِ پڻ ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي ڪوششون ورتيون پيو وڃن. ڊي سي او گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 33 پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن جڏهن ته انهن مان سنڌ م 10 ڪيس شامل آهن. ڊي سي او وڌيڪ ٻڌايو ته خيرپور ضلعي ۾ فيض گنج تعلقي ۾ پوليو جي بچاءُ جي ڦُڙن جي پيارڻ جا انڪاري ڪيس وڌيڪ آهن ان لاءِ مختلف حڪمت عمليون جوڙيون پيون وڃن. ڊي سي او گڏجاڻي ۾ صحت عملي کي علائقي جي ٻارن کي پوليو کان سواءِ ٻين موذي مرضن جي بچاءُ جا ڦُڙا پڻ پيارڻ جي پڻ هدايت ڪئي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 5 مئي پوليو جي سلسلي ۾ سچل آڊيٽوريم ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪرايو ويندو جڏهن ته 7 مئي تي ٺري ميرواه ۾ پوليو جي حوالي سان هڪ تقريب پڻ منعقد ڪئي ويندي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي وڌيڪ چيوته يونين ڪائونسل سطح تي يوسي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل صحت جي بنيادي مرڪز جي انچارج ڊاڪٽر فوڪل پرسن آهن جن کي پنهنجن لاڳاپيل علائقن ۾ ٻارن کي پوليو جي بچاءُ جي ڦڙن پيارڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺڻ جي هدايت ڪئي. گڏجاڻي جي آخر ۾ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ لاڳاپيل تعلقن جي ڊي ڊي اوز، تعلقي مختيارن، صحت کاتي جي ڊاڪٽرن ۽ يونين ڪائونسل جي سيڪريٽرين ۽ ٻين عملدارن کي ضلعي اندرا پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل علائقن ۾ پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون. گڏجاڻي ۾ اِي ڊي اوصحت ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه، اي ڊي او روينيو راجا شاهزمان کهڙو، اي ڊي او ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ، صحت کاتي جي ڊاڪٽرن، روينيو ۽ لوڪل گورنمينٽ جي عملدارن شرڪت ڪئي.
.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button