بيماريون

  • اپریل- 2011 -
    30 اپریل

    فيض گنج تعلقي ۾ پوليو جي بچاءُ جي ڦُڙن جي پيارڻ جا انڪاري ڪيس وڌيڪ آهن: ڊي سي او خيرپور

    خيرپور: ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او محمد عباس بلوچ جمعي ڏينهن درٻار هال ۾ نائين مئي کان يارهين مئي تائين شروع ٿيندڙ پوليو جي بچاءُ جي ڦڙن واري مهم جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڊي س او ٻڌايو ته دنيا ۾ پوليو جهڙو موذي مرض جي خاتمي لاءِ مختلف اُپاءُ ورتا ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 29 اپریل

    صدر جي ڀٽيون ۾ 215 مريضن جي ڪاري ڪامڻ جي چڪاس جا نمونا ورتا ويا ڊاڪٽرن پاران سوين مريضن کي ڪاري ڪامڻ هجڻ جو انديشو ظاهر.

    خيرپور : ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن خيرپور طرفان صحت کاتي خيرپور جي مختلف شعبن اِي.پي.آءِ، مليريا، سول اسپتال خيرپور، تعلقه اسپتال ڪنگري ۽ فيملي پلاننگ کاتي جي گڏيل سهڪار سان ايم.سي.ايڇ سينٽر صدر جي ڀٽيون ۾ هڪ روزه مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي. ڪيمپ ۾ ٻارن جي بيمارين، چمڙي جي بيمارين، دماغ جي بيمارين ۽ عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين مريضن جو مفت طبي معائنو ڪري دوائون پڻ ڏنيون. هن موقعي تي ليڊي ڊاڪٽر الٽرا سائونڊ ذريعي 47 عورتن جي مفت چڪاس ڪري مشوار ڏنا ۽ علاج ڪيو. جڏهن ته 47 مريضن جي مليريا جي چڪاس ۽215 مريضن جي ڪاري ڪامڻ جي چڪاس پڻ ڪئي. ڪيمپ ۾ مجموعي طور تي 504 مريضن جو معائنو ۽ علاج ڪيو ويو جنهن ۾ 333 عورتون ۽ ٻار جڏهن ته 171 مرد شامل آهن. ڪيمپ جو افتتاح ڊاڪٽر ذوالفقار کيمٽيو تعقله هيلٿ آفيسر ڪنگري ڪيو. جڏهن ته ڪيمپ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن جي ٽيم ۾ ڊاڪٽر عبدالخالق سولنگي، ڊاڪٽر در محمد ميمڻ، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ لاکو، ڊاڪٽر عزيزالرحمان سومرو، ليڊي ڊاڪٽر رخسانه لاکو، ليڊي ڊاڪٽر حسنه بانو خلجي ۽ ليڊي ڊاڪٽر عضريٰ بانو شامل هيا. آخر ۾ تنظيم جي چيئرمين خادم حسين ميراڻي سڀني ڊاڪٽرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته…

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل

    ضلعي سکر ۾ ٽي بي کان بچاءَلاءِ ورتل اپاءَ

    (تحرير غوث محمد پٺاڻ ) سکر شھر ھڪ پراڻو تاريخي شھر ؛ھي. ھن جو شمار سنڌ جي ٽئين نمبر وڏن شھرن ۾ ٿئي ٿو. ھن وقت سکر ضلعي جي ؛بادي تقريبن، ا ڪروڙ 72 لک 9 ھزار .71 تي مشتمل ؛ھي. جڏھن تھ ھي ضلعو 5 تعلقن ۽ 64 يوسين تي مشتمل ؛ھي. ھن جي ؛بادي تمام تيزي سان وڌي رھي ؛ھي. ھن ضلعي ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپتالون موجود ؛ھن سکر ۾ ميڊيڪل ڪاليج ٺھڻ کان پوءِ خانگي اسپتالن ۾ سٺن ڊاڪٽرن جي بھ ڪمي پوري ٿي.جيڪي ماڻھون علاج خاطر پنھنجن مريضن کي ڪراچي ۽ حيدر؛باد موڪلڻ کي ترجيح ڏيندا ھئا. انھن پنھنجي پنھنجي حيثيت ؛ھر سکر جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپاتالن کي اھميت ڏيڻ شروع ڪئي.اڪثر ٻھراڙي ۽ شھري ؛بادي جي غريب ماڻھن جو لاڙو سرڪاري اسپتالن ڏانھن تمام گھڻو ؛ھي.سرڪاري اسپتالن ۾ رش سبب اسپتال انتظاميھ جي گھڻن ڪوششن وٺڻ جي باوجود مريضن جي سار سنڀار ۽ صفائي جي نظام بحال رکڻ ۾ گھڻيون مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون.سرڪاري طور تي گھڻين بيمارين جي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مفت علاج جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن ٿيون.جن ۾اين جي اوز بھ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿيون.انھن مرضن ۾ ٽي بي پڻ شامل ؛ھي. ٽي بي ھڪ پکڙجندڙ…

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 اپریل

    پوليو خلاف شروع ٿيندڙ قومي مهم ۾ پنهنجو ڀر پور ڪردار ادا ڪيو وڃي: قريشي

    سکر: اي ڊي او روينيو اختر علي قريشي مختلف کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پوليو خلاف شروع ٿيندڙ قومي مهم ۾ پنهنجو ڀر پور ڪردار ادا ڪن، ته جيئن هن مهم کي ڪامياب ڪري سگهجي. هن اهڙو اي ڊي او هيلٿ جي دفتر جي ڪميٽي روم ۾ پوليو خلاف شروع ٿيندڙ مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته هو هن عمل کي انساني خدمت سمجهي صحيح نموني سان سرانجام ڏين. صحت کاتي جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ڪچي جي علائقي کي وڌ کان وڌ فوڪس ڪن، ته جيئن ٻين علائقن وانگر ڪچي جي علائقي کي صحيح نموني سان ڪور ڪري سگهجي ته جيئن هي پوليو مهم 06 اپريل کان 08 اپريل 2011 تائين ملڪ جي ٻين حصن وانگر سکر ضلعي ۾ شروع ڪئي ويندي ۽ هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي پوليو جي ڦڙن پيارڻ سان معذوري کان بچائي سگهجي ته اهو هڪ سٺو سنوڻ آهي. جنهن لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پوليو ٽيمن سان وڌ ۾ وڌ سهڪار ڪن ته جيئن ڪو به 5 سالن…

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 اپریل

    پوليو کان بچاءُ جي ٽن ڏينهن واري ضمني مهم 6 اپريل کان شروع ٿيندي: بلوچ

    خيرپور : پوليو کان بچاءُ جي ٽن ڏينهن واري ضمني مهم 6 اپريل کان شروع ٿيندي جڏهن ته مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ضلعي پوليو ڪاميٽيءِ جو هڪ اجلاس ڊي سي او آفيس ۾ ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ ٿيو. ان موقعي تي ڊي سي او تمام لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هُو پنهجو اخلاقي فرض سمجھندي هن مهم کي ڪاميا ب بڻائڻ لاءِ صحت کاتي جي ٽيمن سان سهڪار ڪن. هن وڌيڪ چيو ته فرض ۾ غفلت ڪندڙ ۽ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اي ڊي او صحت ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه ٻڌايو ته خيرپور جي 8 تعلقن جي 3 لک 60 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا ۽ 5 اپريل تي فيض گنج ۾ پوليو جي مهم جو باقاعده افتتاح ڪيو ويندو. اجلاس ۾ روينيو، تعليم ۽ صحت کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 اپریل

    . ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون: ڊاڪٽر عبدالقادر مغل

    ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون ۽ اسلام آباد ڪراچي سميت ڪجهه اهم شهرن جا واسي پيئڻ جي پاڻي جي هڪ ٽينڪر لاءِ روزانو 750 روپيه خرچ ڪن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن پاڻي جي خرچن ۾ اضافو ٿئي ٿو، هن اها ڳالهه زرعي يونيورسٽي جي ايگريڪلچر ايڪانامڪس واري شعبي جي ميزبابي هيٺ بجيٽ ريسرچ سيل پاران ٿيل ورڪشاپ دوران افتتاحي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چئي هن چيو ته اڄ به اسپتالن ۾ گهڻي کان گهڻا مريض پيٽ، گيسٽرو ، کل، ڪاري ڪامڻ سميت ڪيترين بيمارين جي ڪري داخل آهن ۽ گندي پاڻي جي ڪري مليريا، ڊينگي وائرس ۽ ان کان وڌيڪ خطرناڪ ٻين بيمارين جي ڪري اسپتال ڀيڙا ٿين ٿا، جنهن سبب ماڻهن کي نه صرف جاني نقصان ٿئي ٿو پر بيمارين تي روزانو هزارين روپيه خرچ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته مستقبل ۾ پاڻي زندگي جي ضرورتن ۾ انمول شئي جيان هوندو ۽ ان جي ڪري بجيٽ تي روزانو دٻاءُ وڌندو. هن چيو ته اڄ به ٻهراڙي کي ڇڏي ڪري شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو في ماڻهو تي خرچ 50 روپين کان 200…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button