ٽنڊو ڄام

. ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون: ڊاڪٽر عبدالقادر مغل

DrinkingWaterٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون ۽ اسلام آباد ڪراچي سميت ڪجهه اهم شهرن جا واسي پيئڻ جي پاڻي جي هڪ ٽينڪر لاءِ روزانو 750 روپيه خرچ ڪن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن پاڻي جي خرچن ۾ اضافو ٿئي ٿو، هن اها ڳالهه زرعي يونيورسٽي جي ايگريڪلچر ايڪانامڪس واري شعبي جي ميزبابي هيٺ بجيٽ ريسرچ سيل پاران ٿيل ورڪشاپ دوران افتتاحي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چئي هن چيو ته اڄ به اسپتالن ۾ گهڻي کان گهڻا مريض پيٽ، گيسٽرو ، کل، ڪاري ڪامڻ سميت ڪيترين بيمارين جي ڪري داخل آهن ۽ گندي پاڻي جي ڪري مليريا، ڊينگي وائرس ۽ ان کان وڌيڪ خطرناڪ ٻين بيمارين جي ڪري اسپتال ڀيڙا ٿين ٿا، جنهن سبب ماڻهن کي نه صرف جاني نقصان ٿئي ٿو پر بيمارين تي روزانو هزارين روپيه خرچ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته مستقبل ۾ پاڻي زندگي جي ضرورتن ۾ انمول شئي جيان هوندو ۽ ان جي ڪري بجيٽ تي روزانو دٻاءُ وڌندو. هن چيو ته اڄ به ٻهراڙي کي ڇڏي ڪري شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو في ماڻهو تي خرچ 50 روپين کان 200 روپين تي پهچي ويو آهي ۽ وڏي تعداد ۾ پاڻي جي ڪمپنين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ان ڪري ان ڪري پاڻي جي استعمال ان کي صاف ۽ صحتمند رکڻ ۽ گهر اندر استعمال پاڻي جي بچت سميت مختلف طريقن کي سمجهڻو پوندو، هن چيو ته وڌندڙ آبادي ۽ گهريلو ضرورتن ۾ اضافي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي ڪجهه بجيٽ وارا اصول سمجهڻا پوندا، بجيٽ ريسرچ سيل جي فوڪل پرسن ممتاز علي جويو چيو ته هن پروگرام ذريعي ماڻهن ۾ آگاهي ۽ جاڳرتا پيدا ڪئي ويندي ته پاڻي جي قناعت سان استعمال، ان جا گهرن جي بجيٽ تي اثرن ۽ نيڪاسي وارن صحت برقرار رکندڙ اصولن کي پنهنجي عام زندگي ۾ رائج ڪيئن ڪجي ۽ ان سان ڪهڙا مالي ۽ صحت جا فائدا ٿي سگهن ٿا، ڪهڙن طريقن سان گهر جي بجيٽ کي بهتر ڪري سگهجي ٿو ۽ مستقبل ۾ پيئڻ جي پاڻي کي بچائي سگهجي ٿو، پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر مس سيد ارم چيو ته افسوس آهي ته هن وقت تائين ڪنهن به حڪومت پاران واٽر سپلائي ۽ نيڪاسي وارا منصوبن تي ترجيعي بنيادن تي ڪم نه ڪيو آهي ۽ اڄ به گهڻيون بيماريون ۽ مالي نقصان صاف پاڻي جي عدم دستيابي ۽ گهرن، محلن، گهٽين ۾ گندي پاڻي جو نيڪاس بهتر نه هجڻ سبب ڪيترا مسئلا جنم وٺي رهيا آهن، هن چيو ته زرعي يونيورسٽي ۾ قائم بجيٽ ريسرچ سيل ذريعي ماڻهن کي تربيت ڏئي ريسرچ بجيٽ ۽ ٻي بجيٽ خاص طور تي پاڻي جي نيڪاسي سيڪٽر کي بهتر طريقي سان استعمال توڙي بچت ڪري سگهجي ٿي، ان موقعي تي يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽين جا ڊين ۽ شعبن جا سربراهه ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، ڊاڪٽر انور مقصود رستماڻي، ڊاڪٽر قاضي سليمان ميمڻ، ڊاڪٽر الطاف سيال ۽ ٻيا موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button