حيدر آباد

سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ڀٽو صاحب جي ننڍ پڻ کان وٺي شهادت تائين واري دور جي 150 تصويرن ۽ سندس پاران ۽ ٻين لکيڪن جون ڀٽو لاءِ تحرير ڪيل 60 کان وڌيڪ ڪتابن جي ٽن ڏينهن واري نمائش جو اهتمام ڪيو ويوآھي

حيدرآباد: دنيا جي عظيم جمهوري اڳواڻ ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي سنڌ ثقافت کاتي پاران سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ڀٽو صاحب جي ننڍ پڻ کان وٺي شهادت تائين واري دور جي 150 تصويرن ۽ سندس پاران ۽ ٻين لکيڪن جون ڀٽو لاءِ تحرير ڪيل 60 کان وڌيڪ ڪتابن جي ٽن ڏينهن واري نمائش جو اهتمام ڪيو ويو آهي جنهن جو افتتاح سنڌ جي ناليواري اديب ، محقق ۽ INAUGRATINGتاريخدان محمد ابراهيم جويو ڪيو – ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ابراهيم جويو چيو ته ڀٽو صاحب قوم جي ترقي لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ غريب عوام جو هڏ ڏوکي اڳواڻ هو جنهن جي خواهش هئي ته پاڪستان جو شمار دنيا جي تر يافته ملڪن ۾ ٿئي – هن ثقافت کاتي جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙي عظيم اڳواڻ جي تصويري نمائش منعقد ڪرڻ هڪ سٺو عمل آهي ۽ منهنجي اها دلي خواهش آهي ته ان قسم جي نمائش سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پڻ منعقد ڪئي وڃي – پچيل هڪ سوال تي هن چيو ته آدمشماري واري عمل ۾ هر شهري کي خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن جي ماڻهن ۾ آدمشماري واري عمل بابت آگا هي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي – بعد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سنڌي ٻولي جي ناليواري اديب حميد سنڌي چيو ته ڀٽو صاحب جي عوام لاءِ ڪيل خدمتن تي هن قسم جا جيترا به پروگرام منعقد ڪرايا وڃن ته اهي گهٽ آهن ڇاڪاڻ ته ڀٽو صاحب جون قربانيون تمام وڏيون آهن ۽ اهڙا جوڌا ۽ دلير ماڻهون تاريخ ۾ ورلي پيدا ٿيندا آهن – سنڌي ٻولي اٿارٽي جي سيڪريٽري ۽ ناليواري اديب تاج جويو چيو ته ڀٽو صاحب ڪا عام شخصيت نه پر قومن کي ڳنڍڻ وارو ماڻهو هو ۽ هن ۾ قومن کي متحد ڪرڻ جي ڀرپور ذهني صلاحيت موجود هئي اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ملڪ جو عوام کيس انهي جذبي ۽ محبت سان ياد رکي ٿو – ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڪلچر منظور احمد قناسرو چيو ته ثقافت کاتي جي ڪوشش رهي آهي ته پنهنجن قو مي اڳواڻن جي ڪيل خدمتن کي نوجوان نسل ۾ وڌ کان وڌ روشناس ڪرائي هن وڌيڪ چيو ته کاتي پاران ان قسم جون سرگرميون آئنده پڻ جاري رکيون وينديون – ان کان اڳ خاص مهمانن نمائش ۾ لڳايل ڀٽو صاحب جي ننڍ پڻ کان وٺي جنازي نماز تائين نڪتل تصويرون ڏٺيون – بعد ۾ ڀٽو صاحب جي تصوير آڏو ڏئيا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي – ان موقعي تي نمائش ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر محمد رمضان اعواڻ ، ڊاڪٽر محمدعلي مانجهي ، محمد علي ڏيپلائي ، ڊائريڪٽر سنڌ ميوزيم محمد ايوب جمالي ، عائشه بلوچ، سليم جروار ، طاهر اقبال ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button