خيرپور

تعليمي ادارن ۾ تعليم جي عملي پاران فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ قوم سان دوکو ڪرڻ ۽ ايندڙ نسل تباهه ڪرڻ جي مترادف آهي:ِي ڊي او ايجوڪيشن

خيرپور: ايگزيڪيٽوِڊسٽرڪٽ آفيسر (اِي ڊي او) ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ ڇنڇر ڏينهن گورنمينٽ ايليمينٽري ۽ پرائمري اسڪول فيض آباد خيرپور جو دورو ڪيو ۽ اسڪول ۾ استادن جي غيرموجودگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو جڏهن Faiz Mahalته ايليمينٽري اسڪول جي ٻن ۽ پرائمري اسڪول جي ڇهن غير حاضر رهندڙ فيميل استاد ( ماسترياڻين) جون پگهارو بند ڪرڻ ۽ جبري موڪل تي روانو ڪرڻ جاحڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. غير حاضر رهندڙ ماسترياڻين ۾ شميم، فريده، شڪيلاشيخ، رخسانه شيخ، زينب چنه، شاهده ڀٽي، سهناز ڀٽي، شائسته سومرو شامل آهن. ان موقعي تي اِي ڊي او چيو ته سرڪاري اسڪول ۾ معيارِ تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف ڪوششون ورتيون پيو وڃن جڏهن ته غير حاضر رهندڙ تعليم جي عملي کي هر گز معاف نه ڪيو ويندو ۽ کين سخت سزا ڏيندي ويندي. هن چيوته فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ جُرم آهي ۽ خاص طور تي تعليمي ادارن ۾ تعليم جي عملي پاران فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ قوم سان دوکو ڪرڻ ۽ ايندڙ نسل تباهه ڪرڻ جي مترادف آهي. اِي ڊي او وڌيڪ چيوته سرڪاري اسڪولس ۾ معيارِ تعليم جي بهتري لاءِ حڪومت ڪيترائي اُپاءُ وٺي رهي آهي ۽ گرلز اسڪولس ۾ فيميل استادن کي ٽرانسپورٽ جي سهولت پڻ ڏني ويندي. هن چيو ته ضلعي حڪومت جي خاص تعاون سان ضلعي اندر ڏهن (10) اسڪولس کي اپ گريڊ ڪري ماڊل اسڪول بڻايو ويندو جتي شاگردن کي هاسٽل، انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽرس جي سهولت پڻ ڏني ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button