حيدر آباد

ان ڳالهه کي يقني بڻايو وڃي ته گهر شماري دوران ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي: مخدوم جميل الزمان

MAKHDUM JAMEEL PHOTO1حيدرآباد : صوبائي وزير بين الصوبائي رابطه مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته گهرشماري ۽ آدمشماري وارو ڪم هڪ اهم قومي فرض آهي جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن ۽ ٻيا ماڻهو ان کي بنا ڪنهن فرق ايمانداري سان ادا ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقني بڻايو وڃي ته گهر شماري دوران ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي _ هو اڄ ڊي سي او آفيس مٽياري ۾ 5 اپريل کان 19 اپريل 2011 تائين ٿيندڙ گهرشماري جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو _ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ پ حڪومت سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ ان جو جائز حصو ڏيارڻ کانپوءِ هاڻي سمورو پنهنجو ڌيان گهرشماري ۽ آدمشماري واري ۾ اهم ڪم ڏانهن ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ آبادي جي بنياد تي اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو ڏنو ويندو _ گڏجاڻي ۾ ِڊي سي او مٽِياري ثاقب احمد سومرو ٻڌايو ته گهرشماري واري عمل جي مجموعي طور تي نگراني ڪرڻ لاءِ سندس سربراهي ۾ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ ڊي پي او مٽياري ،پاپوليشن سينس آفيسرز جنيد سهتو، ڊي ڊي اوز روينيو جيڪو سينس ڊسٽرڪٽ آفيسرز پڻ نامزد ڪيو ويو آهي کان علاوه ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو نمائندو ميمبر هوندو _ گڏجاڻي ۾ پاپوليشن سينس آفيسر جيند سهتو گهرشماري متعلق تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ضلعي مٽياري ۾ گهرشماري لاءِ ضلعي کي 522 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن مان تعلقي مٽياري ۾ 208 ، تعلقي هالا 180، تعلقي سيعد آباد ۾ 134 بلاڪ بڻايا ويا آهن_ ان موقعي تي صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان ڊي پي او مٽياري کي هدايت ڪئي ته هو گهرشماري دوران ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي انتظامن کي يقني بڻائي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button