سکر

آدمشماري هي هڪ قومي فريضو آهي. جنهن لاءِ هو لگن ۽ جانفشاني سان پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪيو وڃي

سکر: چيف سيڪريٽري سنڌ مسٽر عبدالسبحان ميمڻ ڊي سي او آفيس سکر ۾ مختلف ضلعن جي ڊي سي اوز، ڊي پي اوز، اي ڊي اوز روينيو ۽ اي ڊي اوز ايجوڪيشن سان گهر شماري آپريشن سينسس 2011 متعلق هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ ڊي سي اوز، ڊي پي اوز، اي ڊي اوز روينيو، اي ڊي اوز ايجوڪيشن سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، خيرپور، نوشهروفيروز، دادو ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري ڊي سي اوز ۽ ٻين واسطيدار آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته هي هڪ قومي فريضو آهي. جنهن لاءِ هو لگن ۽ جانفشاني سان پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪن ته جئين هي اهم ڪم صاف ۽ شفاف نموني سان مڪمل ڪري سگهجي. ڇو ته هي هڪ اهم ٽاسڪ آهي هن ذريعي CHIEF SECRETARY 2ملڪ جا پروگرام ۽ منصوبا بندي جوڙي ويندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته جيئن سڀني علائقن کي مڪمل طرح ڪور ڪري سگهجي جنهن لاءِ سڀني آفيسرن جي سهڪار جي ضرورت آهي ته جئين ڪو به علائقو گهر شماري آپريشن دوران رهجي نه وڃي. چيف سيڪريٽري ڊي پي اوز کي هدايت ڪئي ته هو 05 اپريل کان شروع ٿيندڙ گهر شماري آپريشن سينسس دوران مختلف علائقن ۾ متعين ٿيل فيلڊ اسٽاف کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائين ۽ هو حساس علائقن ۾ سيڪيورٽي جا جوڳا انتظام ڪن. هن پڻ ميڊيا وارن کي اپيل ڪئي ته هو ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. جوائنٽ سينسس ڪمشنر سنڌ فاروق احمد ميٽنگ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هي هائوسنگ سينسس ۽ آدم شماري ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيا ويندا. جن ۾ پهريون فيز گهر شماري 05 اپريل کان 19 اپريل تائين پوري سنڌ ۾ شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته پاپوليشن ۽ هائوسنگ سينسس جو ٻيو مرحلو آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2011 ۾ شروع ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سينسس ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر، سينسس ڊسٽرڪٽ آفيسر ۽ ڊي لميٽيشن آفيسرن جو پوري سنڌ صوبي ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ فيلڊ اسٽاف جي تقرري پڻ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون، وجلينس ٽيمن جي تشڪيل صوبائي، ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقه ليول تي ڪئي وئي آهي. اسٽاف ۽ فيلڊ اسٽاف جي ٽريننگ پڻ 14 مارچ کان 30 مارچ 2011 تائين منعقد ڪئي ويئي آهي. هن سلسلي ۾ فنڊن جي ايلوڪشين ۽ ۽ ٻيو ضروري سامان مهيا ڪيو ويو آهي. پوري صوبي ۾ سڀني تعلقن کي سينسس ڊسٽرڪٽ نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سڀني ضلعن جي ڊي سي اوز کي سينسس ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي. صوبي سنڌ جي ڪل 129 سينسس ڊسٽرڪٽس جي ڊي لميٽيشن ڪئي ويئي آهي. جڏهن ته ان ۾ 874 سينسس چارجز، 4892 سينسس سرڪل ۽ 35255 سينسس بلاڪ ٺاهيا ويا آهن. جڏهن ته هڪ سينسس بلاڪ اٽڪل 200 کان 250 گهرن تي مشتمل هوندو. اسٽاف ڪافي حد تائين گورنمينٽ پرائمري اسڪولن مان هائر ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button