حيدر آباد

گهر شماري وارو ڪم بنا ڪنهن فرق ۽ ايمانداري سان سر انجام ڏنو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي: ضلعي ايڊمنسٽريٽر

حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو آهي ته 5 اپريل کان 19 اپريل 2011 تائين ٿيندڙ گهرشماري واري عملي ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي چيو آهي ته اهي گهر شماري وارو ڪم بنا ڪنهن فرق ۽ ايمانداري سان سر انجام ڏين ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي _هو اڄ شام ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ 5 اپريل کان ٿيندڙ گهرشماري جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت hold meetڪري رهيو هو _آفتاب احمد کتري چيو ته گهر شماري جي ان اهم فرض کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ۽ سندس سربراهي ۾ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جنهن ۾ ڊي پي او، اسسٽنٽ سينس ڪمشنر، سينس ڊسٽرڪٽ آفيسرز(ڊي ڊي او روينيو)، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جا نمائندا ميمبر هوندا ۽ اها ڪميٽي گهر شماري واري عمل جي گڏيل طور تي نگراني ڪندي _ ان کان علاوه ضلعي جي هر تعلقي ۾ هڪ هڪ ويجيلينس ڪميٽي به جوڙي ويندي _ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته گهر شماري متعلق معلومات لاءِ ڊي سي او آفيس حيدرآباد ۾ هڪ مرڪزي انفارميشن سيل پڻ قائم ڪيو پيو وڃي _ هن، ان موقعي تي ڊي ڊي او روينيو جيڪو سينس ڊسٽرڪٽ آفيسر به مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن لاڳاپيل تعلقن ۾ انفارميشن سيل قائم ڪري_هن ،گڏجاڻي ۾ موجود اي ڊي او ايجوڪيشن کي هدايت ڪئي ته گهر شماري واري ڪم ۾ استادن کان علاوه ريزرو عملي جو به بندوبست ڪيو وڃي جڏهن ته گهرشماري واري ڪم لاءِ 95 سيڪڙو عملو ايجوڪيشن کاتي سان تعلق رکي ٿو جنهن کي گهر شماري بابت تربيت ڏني وئي آهي .هن پوليس انتطاميه کي گهرشماري دوران ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي اپاءُ اختيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي _ ضلعي ايڊمنسٽريٽر آفتاب احمد کتري ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو گهرشماري واري عملي سان ڀرپور سهڪار ڪن ته جيئن ان عمل کي بهتر طريقي سان اڪلائي سگهجي _گڏجاڻي ۾ پاپوليشن سينس آرگنائيزيشن جي اسسٽنٽ سينس ڪمشنر آصف سليم گهرشماري بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته گهرشماري لاءِ حيدرآباد ضلعي کي 5 سينسزسينٽرن جنهن ۾ تعلقي حيدرآباد ، قاسم آباد، لطيف آباد، حيدرآباد (ٻهراڙي) ۽ ڪينٽومينٽ ۾ ورهايو ويو آهي_ گهرشماري لاءِ حِيدرآباد سٽي کي 720 بلاڪن ۾، لطيف آباد کي 614، قاسم آباد کي 174 ، حيدرآباد (ٻهراڙي ) کي 357 ۽ ڪينٽومينٽ واري سينٽر کي 90 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي _ هن چيو ته گهرشماري وارو عملو 5 اپريل کان صبح جو 8 وڳي کان شام جو 7 وڳي تائين گهرن ۽ فليٽن تي نمبرز لڳائڻ وارو ڪم شروع ڪندو _ گڏجاڻي ۾ اي ڊي او ايجوڪيشن حيدرآباد نياز لغاري، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد اعجازچوهاڻ، ضلعي جي ڊي ڊي اوز روينيو ، پوليس عملدار۽ نادرا جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button