حيدر آباد

ڪنهن به علائقي ۾ ڪو به مسئلو هجي ته عملدار تعلقي قاسم آباد ۾ سندس نگراني ۾ قائم ڪيل”گهرشماري واري سيل“ سان لهه وچڙ ۾ اچن: زاهد علي ڀرڳڙي

حيدرآباد: صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد جو صدرپڻ آهي گهرشماري واري عملي کي هدايت ڪئي آهي ته کين ڪنهن به علائقي  ۾ ڪو به مسئلو هجي ته هو تعلقي قاسم آباد ۾ سندس نگراني ۾ قائم ڪيل”گهرشماري  واري سيل“  سان لهه وچڙ ۾ اچن _ اهڙِي هدايت  هن اڄ  گهرشماري جي حوالي سان ڊي ڊي او روينيو قاسم آباد ۽ گهرشماري واري عملي سان  منعقد ڪيل هڪ  اهم گڏجاڻي ۽ سيد سليم شاهه بخاري، روشن سولنگي، اقبال سومرو، اختر ڀرڳڙي، رياض سولنگي ، عامرقادري ، راجا قادري ۽ پ پ  پي ايس _47 جي سمورين يونين ڪائونسلن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽري سان گڏجي  پي ايس 47 جي يونين ڪائونسل  2 جي تفصيلي دوري دوران ڪئي _ صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي چيو ته گهرشماري اسان جو قومي فرض آهي ۽ جيڪڏهن  گهرشماري واري ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ڪئي وئي ته  سنڌ ڌرتي اسان کي   ڪڏهن به معاف نه ڪندي _ هن،  يوسي نمبر هڪ قاسم آباد  ۾ قائم ڪيل ماما رند جي آفيس جو پڻ دورو  ڪيو ۽ ماسترن کان تفصيلي ڄاڻ ورتي ۽ کين مارڪر،پينون ۽ رنگ جا دٻا  ڏنا _ ان موقعي تي هن يونين ڪائونسل نمبر 2  ۾ گهرشماري بابت  قائم ڪيل آفيس جو پڻ دورو ڪيو ۽ عزيز  ميمڻ کان بريفنگ ورتي _ بعد ۾ زاهد علي ڀرڳڙي يونين ڪائونسل نمبر 4 جي سڄڻ ڏيٿو، شجاع پالاري، بڊهو پالاري ڳوٺن ۽ پارٽي ورڪرن سميت ڪارڪنن کي  پڻ ان ڳالهه جو پابند ڪيو ته اهي گهرشماري واري عملي سان ويجهي رابطي ۾ رهن ۽  گهرن جي ڳڻپ واري ڪم جي شفافيت جو خاص خيال رکن_ ان موقعي تي حنيف ڳاهو، احمد سومرو ، نظير سولنگي ، ارشد ڏيٿو ۽ ٻيا پارٽي ورڪر موجود هئا

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button