سکر

پوليو خلاف شروع ٿيندڙ قومي مهم ۾ پنهنجو ڀر پور ڪردار ادا ڪيو وڃي: قريشي

سکر: اي ڊي او روينيو اختر علي قريشي مختلف کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پوليو خلاف شروع ٿيندڙ قومي مهم ۾ پنهنجو ڀر پور ڪردار ادا ڪن، ته جيئن هن مهم کي ڪامياب ڪري سگهجي. هن اهڙو اي ڊي او هيلٿ جي دفتر جي ڪميٽي روم ۾ پوليو خلاف شروع ٿيندڙ مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته هو هن عمل کي انساني خدمت سمجهي صحيح نموني سان سرانجام ڏين. صحت کاتي جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ڪچي جي علائقي کي وڌ کان وڌ فوڪس ڪن، ته جيئن ٻين علائقن وانگر ڪچي جي علائقي کي صحيح نموني سان ڪور ڪري سگهجي ته جيئن هي پوليو مهم 06 اپريل کان 08 اپريل 2011 تائين ملڪ جي ٻين حصن وانگر سکر ضلعي ۾ شروع ڪئي ويندي ۽ هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي پوليو جي ڦڙن پيارڻ سان معذوري کان بچائي سگهجي ته اهو هڪ سٺو سنوڻ آهي. جنهن لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پوليو ٽيمن سان وڌ ۾ وڌ سهڪار ڪن ته جيئن ڪو به 5 سالن تائين جو ٻار پوليو جي ڦڙن پيارڻ کان رهجي نه وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button