حيدر آباد
عالمن،اديبن، محققن ۽ اڳوڻن سرڪاري عملدارن ڊاڪٽر نبي بخش جي نالي تي ھر يونيورسٽي ۾ سنڌ حڪومت کان سنڌ جي هر يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر اين.اي بلوچ جي نالي تي چيئر قائم ڪرڻ سان جو مطالبو ڪيو آھي
حيدرآباد: سنڌ جي عالمن،اديبن، محققن ۽ اڳوڻن سرڪاري عملدارن سنڌ جي مثالي عالم، لطيف جي پارکو،عظيم تاريخدان ۽ محقق مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي، سنڌ حڪومت کان سنڌ جي هر يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر اين.اي بلوچ جي نالي تي چيئر قائم ڪرڻ سان گڏ سندس رهيل ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص ادارو قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهڙو اظهار هنن اڄ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران ڊاڪٽر بلوچ هال ۾ منعقد ڪيل ڊاڪٽر نبي بخش خان جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي وڏي فرزند ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ، بحيثيت صدر،صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ، حبيب الله صديقي، عنايت بلوچ، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي، قلندر شاهه لڪياري، امداد حسيني، سحر امداد، عبدالغفار صديقي،گل محمدعمراڻي، محمد هاشم لغاري، پروفيسر اعجاز قريشي، تاج جويو، انعام شيخ، ذوالفقار هاليپوٽو خطاب ڪيو.
تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ چيوته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ نه صرف هڪ بهترين ليکڪ،محقق ۽ تاريخدان هو، پر هڪ شفيق والد پڻ هو، جنهن پنهنجي سموري زندگي پنهنجي اولاد ۽ سنڌي قوم جي ترقيءَ ۽ بهتر مستقبل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ چيو ته پوري ملڪ سميت سانگهڙ ضلعو به پنهنجي هن ڏاهي ۽ محنتي سپوٽ تي فخر ڪري ٿو ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ نه فقط ملڪي، پر هڪ مڃيل عالمي شخصيت جو مالڪ هو ۽ جيتري به سندس تعريف ڪجي، اها گهٽ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي نامياري اديب ۽ ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ چيو ته شاهه لطيف ڀٽائي ۽ بلوچ صاحب هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن، ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب جي شاعريءَ کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي رهنمائيءَ کان سواءِ سمجهڻ ناممڪن آهي ۽ ان ڏس ۾ جهڙي ريت شاهه سائين جي رسالي جي 10جلدن بابت ڪم ڪيوآهي، اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيوته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪم کي سمجهڻ لاءِ هڪ زندگي تمام گهٽ آهي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌجي سمورين يونيورسٽين ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي نالي سان چيئر قائم ڪيا وڃن. سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ميرپورخاص ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي چيو ته ڊاڪٽر صاحب قرب جو هڪ عظيم مثال هو، جنهن وٽان بزرگن توڙي نوجوانن کي ڄاڻ سان گڏوگڏ عزت ۽ محبت به ملندي هئي. هن چيو ته ڊاڪٽر صاحب انتهائي اصول پرست ماڻهو هو، جيڪو ڪتابن جو ملندڙ معاوضو اهو چئي واپس ڪري ڇڏيندو هو ته انهن ڪتابن کي تحرير ڪرڻ ۾ منهنجو ڪوبه خرچ نه ٿيو آهي. آئون انهيءَ رقم جو حقدار ناهيان. هن وڌيڪ چيو ته هن ڪڏهن به پنهنجي ڪم تي فخر نه ڪيو، پر اهو انسان هو، جيڪو ڪڏهن به پنهنجي فتح کي پنهنجي ذهن تي غالب نه ڪندو هو. سادگيءَ ۾ هميشه زندگي گذاري. ناليواري شاعر امداد حسينيءَ چيوته دنيا جي هر ٻولي بابت لغت نويسي جو ڪم هميشه جاري رهندو آهي. بدقسمتيءَ سان ڊاڪٽر اين اي بلوچ کان پوءِ سنڌي ٻولي هڪ عظيم ٻولي ماهر کان محروم ٿي وئي آهي. هن مطالبو ڪيوته سنڌ ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪيل ڪم تي تحقيق لاءِ هڪ مخصوص ادارو قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊاڪٽر صاحب اتساهيندڙ شخصيت جو مالڪ هو، جنهن کي ادب جي حوالي سان عبور حاصل هو. سنڌي ٻولي اٿارٽي جي سيڪريٽري ۽ نامياري اديب تاج جويي چيوته ڊاڪٽر بلوچ اهو خوشنصيب انسان هو، جنهن جي اهميت جو اندازو ان جي حياتيءَ ۾ ئي ٿي ويو هو. هن چيو ته صدين کان پوءِ اهڙا ماڻهو ڄمندا آهن ۽ وڃڻ کانپوءِ صدين تائين پنهنجو اثر ڇڏي ويندا آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ کي سنڌي ادب مان خطوط نويسي جي گهٽجندڙ رجحان تي ڳڻتي هوندي هئي، جنهن لاءِ چوندو هو ته موبائيل فون سنڌ جي نوجوانن مان خط لکڻ واري عادت ختم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا سنڌي ادب جي اهم صنف آهي.