خيرپور

صدر جي ڀٽيون ۾ 215 مريضن جي ڪاري ڪامڻ جي چڪاس جا نمونا ورتا ويا ڊاڪٽرن پاران سوين مريضن کي ڪاري ڪامڻ هجڻ جو انديشو ظاهر.

خيرپور : ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن خيرپور طرفان صحت کاتي خيرپور جي مختلف شعبن اِي.پي.آءِ، مليريا، سول اسپتال خيرپور، تعلقه اسپتال ڪنگري ۽ فيملي پلاننگ کاتي جي گڏيل سهڪار سان ايم.سي.ايڇ سينٽر صدر جي ڀٽيون ۾ هڪ روزه مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي. ڪيمپ ۾ ٻارن جي بيمارين، چمڙي جي بيمارين، دماغ جي بيمارين ۽ عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين مريضن جو مفت طبي معائنو ڪري دوائون پڻ ڏنيون. هن موقعي تي ليڊي ڊاڪٽر الٽرا سائونڊ ذريعي 47 عورتن جي مفت چڪاس ڪري مشوار ڏنا ۽ علاج ڪيو. جڏهن ته 47 مريضن جي مليريا جي چڪاس ۽215 مريضن جي ڪاري ڪامڻ جي چڪاس پڻ ڪئي. ڪيمپ ۾ مجموعي طور تي 504 مريضن جو معائنو ۽ علاج ڪيو ويو جنهن ۾ 333 عورتون ۽ ٻار جڏهن ته 171 مرد شامل آهن. ڪيمپ جو افتتاح ڊاڪٽر ذوالفقار کيمٽيو تعقله هيلٿ آفيسر ڪنگري ڪيو. جڏهن ته ڪيمپ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن جي ٽيم ۾ ڊاڪٽر عبدالخالق سولنگي، ڊاڪٽر در محمد ميمڻ، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ لاکو، ڊاڪٽر عزيزالرحمان سومرو، ليڊي ڊاڪٽر رخسانه لاکو، ليڊي ڊاڪٽر حسنه بانو خلجي ۽ ليڊي ڊاڪٽر عضريٰ بانو شامل هيا. آخر ۾ تنظيم جي چيئرمين خادم حسين ميراڻي سڀني ڊاڪٽرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته تنظيم پاران ٻهراڙي ۽ ڪچي جي ماروئڙن لاءِ اهڙي قسم جي سهولتن جو انتظام وقت بوقت ڪيو ويندو رهيو آهي جنهن صحت کاتي ۽ ٻين ادارن جو سهڪار شامل رهيو آهي. ڪيمپ کي ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر خيرپور صاحب خان ڀنڊ، ليڊ پاڪستان جي ضلعي انچارج زاهد ڏهوٽ، صحافي زين سولنگي ۽ ناليواري سماجي اڳواڻ غلام شبير سومرو پڻ معائنو ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button