خيرپور

ته اڄوڪي هن ڪمپيوٽر جي دور ۾ هر انجنيئر کي مشينري کانسواءِ وقت جي حساب سان ايندڙ نون نون سافٽ ويئرز متعلق به پاڻ کي آگاهه رکڻ گهرجي: ڊاڪٽر مجيب صحرائي

cisco software companyخيرپور: مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران 5 ڏينهن جي ڪرايل آٽو ڪيڊ (ڪمپيوٽر ايڊيڊ ڊزائن) جي تربيتي ورڪشاپ جو افتتاح ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پاران ڪيو ويو. ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته اڄوڪي هن ڪمپيوٽر جي دور ۾ هر انجنيئر کي مشينري کانسواءِ وقت جي حساب سان ايندڙ نون نون سافٽ ويئرز متعلق به پاڻ کي آگاهه رکڻ گهرجي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي اسان هتي هي ورڪشاپ ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج هن تمام ٿوري عرصي ۾ پروفيشنل ڊولپمينٽ ڪورسز جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪاليج جي انتظامي ۽ تدريسي شعبي جي سربراهن جي محنتن جو نتيجو آهي. مهراڻ انجنيئرنگ يوينورسٽي ڪاليج پاران خيرپور ۾ ڪرايل هن ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙ انجنيئرز کي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جو تصديق ٿيل سرٽيفڪٽ ڏنو ويندو. ڊاڪٽر مجيب صحرائي وڌيڪ چيو ته، اسان جي ملڪ ۾ اڪثريت اهڙن انجنيئرز جي آهي، جيڪي هن قسم جي پيشيوارانه ڪورسز مان فائدو نٿا وٺن ۽ هن جديد دور ۾ به پراڻي طريقي سان ڊرائنگ يا ڊرافٽنگ جو ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته دنيا۾ هاڻي اهو ڪم مختلف سافٽ ويئرز ذريعي ڪيو ٿو وڃي. پرنسپال ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور ۾ ان قسم جا ٻيا به تربيتي ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرائڻ جي تيارين ۾ آهي، جن سان ڪاليج جي شاگردن سميت خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن جي انجنيئرن ۽ انجينئرنگ جي شاگردن کي به تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ علائقي ۾ بيروزگاري پڻ گهٽ ٿيندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button