گھوٽڪي

ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي نيو بس اسٽينڊ، پراڻي بس اسٽينڊ سميت تعلقي گهوٽڪي جي روڊ ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو دورو ڪيو

گهوٽڪي: ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي نيو بس اسٽينڊ، پراڻي بس اسٽينڊ سميت تعلقي گهوٽڪي جي روڊ ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو دورو ڪيو دوري دوران ڊي سي او ٽي ايم او گهوٽڪي کي هدايت ڪئي ته ڊي او فاريسٽ سان گڏجي مسافرن جي سهولت ۽ ماحوليات جي آلودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ بس اسٽينڊ جي پاسن تي وڻڪاري ڪئي وڃي ۽ لان ٺاهيو وڃي، بس اسٽينڊ تي خراب موٽر جي رپيئرنگ ڪرائي پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو وڃي، مسافرن جي ويهڻ لاءِ بينچن جو انتظام ڪيو وڃي. ۽ اسٽريٽ لائيٽن کي ورڪنگ ۾ آندو وڃي ، بس اسٽينڊ تي موجود دوڪان الاٽ ڪري لسٽ فراهم ڪئي وڃي ۽ روزانون جي بنيادن تي صفائيءَ جو جائزو ورتو وڃي. جڏهن ته هن ڊي او روڊس کي هدايت ڪئي ته بس اسٽينڊ جي اکڙيل روڊ واري حصن کي رپيئر ڪرايو وڃي ۽ رحمووالي پارڪ جي روڊ جو ڪم 8 محرم کان اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجي ۽ حسين ٻيلي روڊ جي مرمت ڪئي وڃي. ان موقعي تي هن اي ڊي او ورڪس کي هدايت ڏيندي چيو ته هڪ هفتي اندر پراڻي بس اسٽينڊ واري جڳهه تي ڪلاڪ ٽاور تعمير ڪرڻ جي اسٽيٽمينٽ مڪمل ڪيو وڃي. جڏهن ته هن ڊي ڊي او روينيو کي هدايت ڪئي ته فروٽ ۽ سبزي منڊي لاءِ نئين جڳهه تجويز ڪئي وڃي ته جيئن ان مارڪيٽ کي شفٽ ڪيو وڃي. ڊي سي او ڊي ڊي او (جي اي) کي هدايت ڪئي ته هو ڊي پي او سان لهه وچڙ ۾ اچن ۽ نيو بس اسٽينڊ تي مسافرن ۽ ٽرانسپورٽرن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي. آخر ۾ ڊي سي او ٽي ايم او کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ڪمن جي تفصيلي رپورٽ 10 ڊسمبر 2010 تي فراهم ڪري ۽ ڊي ڊي او روينيو کي هدايت ڏيندي چيو ته هو روزانو جي بنيادن تي ٿيندڙ ڪمن جو جائزو وٺي ۽ اهڙي رپورٽ هفتيوار فراهم ڪئي وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button