گھوٽڪي

ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي جي صدارت ۾ پوليو جي روڪ ٿام جي ميٽنگ

polio13 گهوٽڪي: ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي جي صدارت ۾ ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ پوليو مطعلق ميٽنگ ٿي گذري. ميٽنگ ۾ پوليو مهم جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسان وٽ 750 ليڊي هيلٿ ورڪر آهن جن مان 731 ليڊي هيلٿ ورڪر ورڪنگ ڪن ٿيون جڏهن ته نومبر ۾151 ٻار مختلف سببن جي ڪري رهجي ويا آهن. ان موقعي تي ڊي سي او، اي ڊي او هيلٿ کي هدايت ڏيندي چيو ته رهجي ويل 151 ٻارن جي لسٽ فراهم ڪئي وڃي ڇو ته انهن کي ڪنهن به حالت ۾ پوليو جا قطرا پيارڻا آهن ۽ جنهن يونين ڪائونسلن ۾ ايريا انچارج جي ڪارڪردگي بهتر ناهي انهن کي وارننگ طور شوڪاز نوٽيس ڏنا وڃن ڇو ته خراب ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ ايريا انچارجن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊي سي او چيو ته پوليو مهم دوران روينيو، پاپوليشن سميت تعليم کاتي جي عملدارن جون ڊيوٽيون لڳايون وينديون. ڇو ته پوليو هڪ انتهائي اهم مسئلو آهي جنهن ۾ سنجيدگي ۽ سچائي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي هن ڀيري ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ٿي ڪري سگهجي، ان وڌيڪ چيو ته پوليو بابت ميٽگيون ٿينديون رهنديون ۽ پوليو ٽيمن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪيو ويندو ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جي قطرن کان رهجي نه سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button