گھوٽڪي

ڊي سي او ڪيڊٽ ڪاليج جو دورو ڪيو

گهوٽڪي: ڊي سي او/ چيئرمين فنانس ڪاميٽي ڪيڊٽ ڪاليج گهوٽڪي زاهد علي عباسي جي صدارت هيٺ فنانشل ڪاميٽي جو هڪ اجلاس منقعد ٿيو جنهن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسيپال نسيم ميمڻ 1 ڪروڙ 73 لک 42 هزار 750 روپيه خساري واري بجيٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ڪاليج جي ڪل آمدني 98 لک 14 هزار 140 روپيه آهي جڏهن ته خرچ 2 ڪروڙ 71 لک 56 هزار 890 روپيه آهي جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. تفصيل موجب پگهارن لاءِ 93 لک 92 هزار 870 روپيه، مختلف تعليمي سرگرمين لاءِ 13 لک روپيه، لائبريري لاءِ 50 هزار روپيه، ميس لاءِ 34 لک روپيه، پلي گرائونڊ لاءِ 1 لک 50 هزار روپيه، ڪيڊٽس جي انعامن لاءِ 50 هزار روپيه، قومي ۽ والدين وارن ڏينهن لاءِ 1 لک روپيه، راندين لاءِ 2 لک روپيه، اسٽڊي ٽوئر لاءِ 1 لک روپيه، سائنس ليبارٽري جي لاءِ 1 لک روپيه، جمناسٽڪ لاٰءِ 3 لک روپيه، بينڊ جي آلات لاءِ 2 لک روپيه، فائر فائيٽنگ جي ساز و سامان لاءِ 50 هزار روپيه ۽ لائبريري جي ڪتابن لاءِ 50 هزار روپيه رکيا ويا آهن. ان موقعي تي ڊي سي او ٻڌايو ته ضلعي حڪومت پاران ڪيڊٽ ڪاليج جي ٻارن لاءِ مستقل ڊاڪٽر ۽ دوا دارون جو بندوبست ڪيو ويندو ۽ ڪاليج جي ترقي لاءِ رقم کي وڌايو ويندو. ان سان گڏ فائر فائيٽنگ تي ڪو به ڪمپرومائيز نه ڪيو ويندو ته جيئن ڪاليج جا ٻار آئي ايس ايس بي جو امتحان آساني سان پاس ڪري آرمي جوائن ڪري سگهن ۽ آئيندا سال بجيٽ ۾ گهوڙي سواريءَ لاءِ فنڊ رکيا ويندا ڇاڪاڻ ته گهوڙي سواري ڪيڊٽ ڪاليج جي سونهن هوندي آهي ۽ اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪي ٻار انٽري ٽيسٽ ۾ ٽاپ ۽ ميرٽ تي اچن ٿا انهن کي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ پاران اسڪالرشپ ڏني ويندي ان کان علاوه ايف ايف سي ۽ ٻيون مختلف نجي ڪمپنيون به پوزيشن حاصل ڪندڙ ٻارن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جون خواهشمند آهن جنهن سان هن ڪاليج جي ڪيڊٽس جو مارول وٺندو ۽ ٻارن جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ جدوجهد جو جذبو پيدا ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button