اسلام آباد

صدر آصف علي زرداري پاران ڪوهاٽ ۾ حجم جي دڪان تي خودڪش حملي جي سخت مذمت

اسلام آباد – (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوهاٽ ۾ حجم جي دڪان تي خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. اربع ڏينهن پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ صدر انهي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙي قسم جي ڪاررواين سان دهشتگردي خلاف حڪومتي عزم کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي. صدر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي دهشتگردي جي اهڙن واقعن جي روڪٿام ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button