نواب شاھ

شهيد بينظير آباد جا آبادگار ضد ۾ اچي ويا، سستو ڪمند ڏيڻ کان انڪار، شگرملون نوڪين جو شڪار

sugar millsنواب شاهه (نيوز ڊيسڪ) شهيد بينظير آباد ضلعي جي شگرملن طرفان ڪمند جو اگهه 190 رپيا في مڻ ڏيڻ باوجود آبادگارن طرفان ڪمند نه ڏيڻ ڪري ٽئي شگرملون حبيب شگرمل نواب شاهه، سڪرنڊ شگرملز، قاضي احمد ۽ النور شگرملز شاهه پور جهانيان نوڪين جو شڪار آهن. حبيب شگرملز جنهن جي ڪمند پيڙهڻ جي گنجائش 2 لک مڻ آهي پر اها شگرملز روزانو 80 هزار مڻ ڪمند پيڙهي رهي آهي ۽ 24 ڪلاڪن مان صرف 10 ڪلاڪ هلي رهي آهي. جڏهن ته ساڳي صورت حال ضلعي جي ٻين شگرملن جي آهي، جيڪي پڻ روزانو 9 کان 10 ڪلاڪ هلي رهيون آهن. ان سلسلي ۾ ڪمند جي آبادگارن اسلم ملڪ، اشرف آرائين، پير بخش رند ۽ ٻين آبادگارن چيو آهي ته ضلعي جي شگرملن گذريل سال جڏهن کنڊ جو اگهه 60 رپيا في ڪلو هو ان وقت ڪمند جو اگهه 300 رپيا في مڻ ڏنو هو. جڏهن ته هن وقت کنڊ جي قيمت 80 کان 90 رپيا في ڪلو هلي رهي آهي، ان حساب سان ڪمند جو اگهه 400 رپيا کان 450 رپيا في مڻ هئڻ گهرجي. ڪمند جي آبادگارن اعلان ڪيو آهي ته جيستائين ڪمند جو اگهه کنڊ جي حساب سان نه ڏنو ويندو ايستائين شگرملن کي ڪمند فراهم نه ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button