آرٽيڪل

استاد جو استاد هجڻ ضروري آهي يا انتظامي عهديدار ؟؟؟

عتيق راجا
چيئرمين پاڪستان يوٿ ڪائونسل
Atique Rajaاختيارن جو غلط ۽ نامناسب استعمال اسان جي تعليمي ادارن کي تباهي طرف ڌڪي رهيو آهي، اهي لائق ۽ نا لائق ماڻهو جيڪي پنهنجو شوق ۽ خواب پورو ڪرڻ لاء مسڪين ملازمن کي ڪوڙا دلاسا ۽ خواب ڏيکاري بادشاھ ٿين ٿا پوء اهي ئي ملازم انهن بادشاهن جي غلط فيصلن جو شڪار ٿين ٿا.
تازو ئي مختلف يونيورسٽين مان ڪجھ دوستن اهو مسئلو سامهون آندو آهي ته اسان جي يونيورسٽين جا اهي استاد صاحبان جيڪي وائيس چانسلرن جا پوئلڳ هجڻ سان گڏوگڏ لکين روپين جي عيوض پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪرڻ ۽ گڏوگڏ ريسرچ جي نالي تي پي ايڇ ڊي الائونس کڻڻ باوجود پڙهائڻ کان انڪاري آهن ۽ پڙهائڻ بدران انتظامي عهدن تي قابض ٿي ويهو رهن.
هن ناچيز جي خيال مطابق لکين يا ڪڙوڙين روپيا خرچ ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ سميت ريسرچ جي نالي تي 20 هزار روپيا مهينو حاصل ڪندڙ استادن جو بنيادي فرض استادن جي بهتري جي حق ۾ بهتر نموني پڙهائڻ، ريسرچ سان لڳاپيل ڪم ڪرڻ ۽ ريسرچ جا آرٽيڪل پيپر پبليش ڪرائي يونيورسٽي، قوم ۽ ملڪ لاء بهترين ماهر پيدا ڪرڻ آهي نڪي وائيس چانسلرن جي غلط ۽ نامناسب فيصلن تحت انتظامي عهدن تي اچي نالو ۽ پيسو ڪمائڻ آهي ان ڳالھ جو فيصلو اسان جا استاد صاحبان خدا کي حاضر ناضر ڄاڻي پاڻ به ڪري سگهن ٿا ٻين لفظن ۾ انهن ڳالهين کي فرض سان غداري تصور ڪيو وڃي ٿو
منهنجي خيال ۾ ان مسئلي تي نوجوانن جي تعليمي ڀلائي خاطر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي سوموٽو قدم کڻڻ گهرجي جيئن ماضي ۾ ادارن مان غيرقانوني ڀرتين ۽ بدلين جو سخت نوٽيس ورتو ويو هو
شايد مون سميت هتي رهندڙ هر ماڻهو اختيارين کان اهو سوال پڇڻ جو حق رکي ٿو ته هڪ استاد جيڪو لکين روپين جي اسڪالرشپ جي عيوض پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوء ان پي ايڇ ڊي جي نالي تي ريسرچ الائونس کڻي ٿو ان جو ملڪ ۽ قوم لاء نوجوان تيار ڪرڻ ضروري آهي يا انتظامي عهدن تي قابض ٿيڻ ؟؟
اڄ اهو ئي سبب آهي جو اسان جون يونيورسٽيون ريسرچ نه هجڻ جي ڪري عالمي ۽ قومي رينڪنگ ۾ پوئتي اچي ويون آهن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button