زراعت

بلوچستان کي 300 ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي، ارسا ٽيم

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
Kheer Thar Canal
بلوچستان سرڪار طرفان پٽ فيڊر ۽ کيرٿر ڪئنالن مان ورڇ کان گهٽ حصي ملڻ جي شڪايت تي ارسا جي ٽيم شهدادڪوٽ ويجهو گڙنگ ريگيوليٽر وٽ پاڻي جي ماپ ڪئي ارسا ٽيم جي ڪيل ماپ مان ظاهر ٿيو ته بلوچستان کي 300 ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي سنڌ جي نمائندن ماپ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو سنڌ جي ٽيم جو موقف هيو ته سنڌ کي مٿان کان گهٽ پاڻي ملي ٿو ۽ ڪجھ پاڻي لائين لاسز ۾ به ضايع ٿئي ٿو سنڌ پاڻي جي کوٽ کي اڪيلو ته نه ڀوڳيندي بلوچستان کي به اها صورتحال سامهون رکڻ گهرجي بلوچستان هڪ ڀيرو ٻيهر ارسا ۽ سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري کي خط لکي دانهن ڏني هئي ته سنڌ کيس پٽ فيڊر ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال مان 1800 ڪيوسڪ پاڻي گهٽ ڏئي ٿو جنهن بعد ارسا جي فني ٽيم گڙنگ ريگيوليٽر وٽ پهچي جائزو ورتو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button