اليڪشن 2013

هڪ نظر فيض گنج جي اڳوڻن نمائندن جي ڪارڪردگي تي

National Assembly (640x253)نديم چانگ
هون ته اسان وٽ ايم پي اي ايم اين اي اين هڪ صلاحڪار رهيا. عوام پيهنجي تڪ جا نمائندا ان لاءِ چونڍيندو آهي ته ان جا مسئلا حل ٿين پر جيڪڏهن هن تڪ کي ڏسجي ته هتي صورتحال ان جي ابتڙ آهي هتان جي ماڻهن جا مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌن پيا ايم پي اي يا ايم اين اي هجي 5 سالن ۾ هڪ ڏينهن به تڪ ۾ نظر نه آيا .
صدر الدين شاه چونڊ وڙهڻ کانپوي ته ايئن لڳو ڄڻ هتان چونڊ وڙهيو ئي ناهي 5 سالن ۾ هڪ اسڪيم ايم اين اي ڪوٽا مان ڏيڻ گوارا نه ڪئي .هڪ نظر ايم پي اي جي ڪارڪردگي ڏي ڦيرايون ته ان پاسي کان به هتان جي ماڻهن ڪجه حاصل نه ڪيو هن جي سياست جو محور صرف 3 ماڻهن تائين محدود رهيو ۔ مونکي اڄ به اهي جملا ياد آهن جڏهن سائين جن منسٽر ٿي آيا هئا جنهن پڪاچانگ جي چوڪ تي بيهي چيو ت فيض گنج وارن ت مونکي ووٽ نه ڏنا پر آئون ڪوشش ڪندس ته ڪم ڪريان سائين کان هڪ سوال ته سائين هتان اوهان کي ووٽ نه مليا ته اوهان ايوان تائين ڪيئن آيا۔ ايم پي اي دوران اگر ڪو ماڻهو ڪم لائي ويو ته هڪ ئي جواب مليو ته اسانجي نه ٿي هلي ادا نه پئي هلي ته استيئفا ڏيئي ويهي رهو۔ بهرحال سائين جو ڪم به نه هئڻ جي برابر رهيو ۔ هاڻي هلون ٿا صلاحڪار ساجد ٻانڀڻ طرف ته سائين جو به اهو چوڻ ته اهو علائقو ته اسانکي مليل ئي ناهي جو اسان هتي ڪم ڪرايون اسانکي ڪجه به نه مليو آهي جڏهن ته سبسڊي جي اٽي ۾ غبن ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل ٻج ڪلر ۾ غبن ۾ به سائين جن جا ماڻهو ملوث هئا ۔ بهرحال جيڪڏهن هن جو حل تلاش ڪجي ته هڪ ئي جواب ملي ٿو ته هتي خانداني سياست جو خاتمو ضروري آهي جيڪي ٻنهي پاسن۾ موجود آهن ۔ بهر حال تبديلي عوام آنيندي هاڻي ڏسون ته عوام ڪيئن ٿو تبديلي آڻي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button