سنڌ سماچار
-
باڊھ: واپڊا پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي پاران مظاھرو
باڊهه ۾ واپڊا پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي درگاهه چوڪ کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جي دڪاندارن، درزين، سياسي، سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت واپڊا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
14 آگسٽ تي ڌرڻي نه هڻڻ بابت عمران خان جو بيان مثبت آهي، خورشيد شاهه
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته 14 آگسٽ تي ڌرڻي نه هڻڻ بابت عمران خان جو بيان مثبت آهي هاڻي حڪومت کي به لانگ مارچ ۾ رڪاوٽون نه وجهڻ گهرجن ۽ عمران خان کي خطاب جو موقعو ڏيڻ گهرجي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: شهر جي دستگير ڪالوني ۾ هڪ مهيني کان سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿي سگهيا
مورو شهر جي دستگير ڪالوني ۾ هڪ مهيني کان سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿي سگهيا، بجلي نه هجڻ ۽ گرمي سبب پيرسن فوت. وارثن ۽ پاڙي سرين جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي بحالي ڪري ڏني وڃي مظاهرين جو مطالبو
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد واقعو: جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا، بشير خان قريشي جي وني متاثرعورتن کي اجرڪون اوڍايون
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل لڄالٽ واري سانحي کي 54 ڏينهن گذري ويا پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اڃان تائين اثرائتي ڪاروائي نه ڪري سگهي، متاثر خاندان جي درخواست تي هوم سيڪريٽري، آءِ جي ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور رڪارڊ سميت 21 جولاءِ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ طلب
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ جي ھر شهر ۾ بدامني جو راڪاس ڦيرا ڏئي رهيو آهي ، ڪاظم علي شاهه لڪياري
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري فنڪشنل ليگ اڳواڻ برڪت شيخ جي پاران ڏنل افطار پارٽي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ مان امن جو پکي ڄڻ هميشه لاءِ اڏامي ويو آهي جو هر شهر ۾ بدامني جو راڪاس ڦيرا ڏئي رهيو آهي ڪوبه شهري پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهي
وڌيڪ پڙھو -
نوشهروفيروز: گودامن مان خوراڪ کاتي جي ملازمن 80 هزار کان وڌيڪ ٻوريون وڪرو ڪري ڇڏيون
نوشهروفيروز جي مختلف گودامن مان خوراڪ کاتي جي ملازمن 80 هزار کان وڌيڪ ٻوريون وڪرو ڪري ڇڏيون، رمضان اسپيٽل پيڪيج جي بهاني سان فوڊ انسپيڪٽرن سان ملي ڪري ٻوريون هڙپ ڪيون ويون
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه: ٽيڪسي اسٽينڊ نه هجڻ ڪري شھر ۾ دڪانن، ھوٽلن ۽ سرڪاري عمارتن آڏو ٽيڪسيون بيھارڻ لڳا
لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏيڍ لک آبادي واري شهر باڊهه ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ نه هجڻ ڪري ٽيڪسي ڊرائيور پنهنجيون گاڏيون بازارن ۾ دڪانن، هوٽلن ۽ سرڪاري عمارتن آڏو بيهارين ٿا. شهر ۾ موجود 100 کان وڌيڪ ٽيڪسيون بازارن ۾ بيهارڻ سبب هتان جي ڪاروباري ماڻهن کي سخت پريشاني سان منهن ڏيڻو پوي ٿو.
وڌيڪ پڙھو -
اسان حماس، حزب الله۽ فلسطين ۾ ويڙھاڪ مجاهدن جي حمايت ڪريون ٿا، مرڪزي فلسطين ڪاميٽي
فلسطين جي مسلمانن سان اظهار يڪجهتي لاءِ ۽ اسرائيل جي دهشت گردي ۽ جارحيت خلاف عالم اسلام کي پنهجو موقف واضح ڪرڻ کپي ۽ اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڏ خلاف آواز اٿاري وڃي سمورا مسلم ملڪ ان سلسلي ۾ اقوام متحده ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن جي علمبردارن اهو احساس ڏيارڻ تي فلسطين ۾ ننڊڙن ٻارڙن ۽ عورتن تي ظلم اسرائيل جي لاءِ هڪ وڏي مشڪل پيدا ڪندي
وڌيڪ پڙھو -
سکر: فلسطين مٿان اسرائيلي جارحيت ۽ فوجي حملن خلاف وڪيلن جو مظاھرو
فلسطين مٿان اسرائيلي جارحيت ۽ فوجي حملن خلاف سکر جي وڪيلن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي شفقت رحيم، علي حيدر ادا، قربان ڪلوڙ، سڪندر جوڻيجو، ظفر عيدن منگي، امان الله ملڪ، حفيظ ميراڻي ۽ٻين چيو ته اسرائيل فلسطين تي حملا ڪري بيگناهه معصوم جانيون ضايع ڪري رهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
سکر: رپورٽر فيض الله خان کي افغان حڪومت پاران ڏنل سزا خلاف مظاھرو
پاڪستان فيڊ رل يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي سکر يونين آف جرنلسٽ طرفان اي آر واءِ جي رپورٽر فيض الله خان کي افغان حڪومت پاران ڏنل چئن سالن جي سزا خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري افغان حڪومت خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي،
وڌيڪ پڙھو