مورو

مورو: شهر جي دستگير ڪالوني ۾ هڪ مهيني کان سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿي سگهيا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو

شهر جي دستگير ڪالوني ۾ هڪ مهيني کان سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿي سگهيا
شهر جي دستگير ڪالوني ۾ هڪ مهيني کان سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿي سگهيا

مورو شهر جي دستگير ڪالوني ۾ هڪ مهيني کان سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿي سگهيا، بجلي نه هجڻ ۽ گرمي سبب پيرسن فوت. وارثن ۽ پاڙي سرين جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي بحالي ڪري ڏني وڃي مظاهرين جو مطالبو.. تفصيل موجب؛ مورو شهر جي دستگير ڪالوني ۾ گذريل هڪ مهيني کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ سبب دستگير ڪالوني جا رهواسي عزاب ۾ مبتلا ٿي ويا ڪيترائي ڀيرا واپڊا آفيسرن کي شڪايت ڪرڻ جي باوجود رمضان ڪريم جي ڀلاري مهيني ۾ ڪنهن به واپڊا عملي کي ڪا ڪهل نه پئي جنهن جي خلاف دستگير ڪالوني جي رهواسين لالا عتيق پٺاڻ، محمد اسلم، قدير احمد، فيضان گرو، راهيل، ابرار ڀٽي، جاويد احمد، وڪيل ۽ بين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مطاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مٿين اڳواڻن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي دستگير ڪالوني جا ٽي ٽرانسفرامر گذريل هڪ مهيني کان شري ويا آهن جنهن جي شڪايت واپڊا جي عملدارن کي ڪئي آهي جڏهن واپڊا ايڪسئن ۽ واپڊا ايس ڊي او اسان کان 70 هزار رشوت پڻ ورتي آهي پر ان جي باوجود اسان کي سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري نه ٿا ڏنا وڃن هنن چيو ته اسان ڪافي مرتبه شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به ازالو ڪرڻ وارو نه آهي جنهن جي ڪري اسان جي گهرن ۾ پاني جو ڍڪ ناهي هن رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ اسان پاڻي جي ڍڪ خاطر تڙپي رهيا آهيون اسان جا معصوم ٻار توڙي عورتون گرمي سبب تڙپي رهيون آهن مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن بجلي نه هجڻ ڪري اڄ اسان جي ڪالوني جو رهواسي پيرسن عبدالحفيظ مغل پڻ بجلي نه هجڻ ڪري گرمي وگهي فوت ٿي ويو آهي جڏهن سندس گهر واري مسمات فرزانه مغل پڻ سخت بيمار ٿي پئي آهي جنهن کي نازڪ حالت ۾ نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي دستگير ڪالوني ۾ سڙيل ٽي ٽرانسفارمر جلد تبديل ڪرائي بجلي بهال ڪئي وڃي نه ته بي صورت ۾ اسان عورتن معصوم ٻارڙن سميت قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين جنهن ۾ ٿيندڙ نقصان جو ذميوار واپڊا انتظاميه هوندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button