باڊھ
-
باڊهه: شهر ۾ ڀلاري مهيني ۾ گندگي جا ڍير جمع ٿيل، خلق خدا بيزار
ڊهه شهر ۾ ڀلاري مهيني ۾ گندگي جا ڍير جمع ٿيل، خلق خدا بيزار، نمازي پنهنجي گهرن تائين محدود، مسجدون ويران، باڊهه واسين جا روزگار به داءُ تي لڳي ويا
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: واپڊا پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي پاران مظاھرو
باڊهه ۾ واپڊا پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي درگاهه چوڪ کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جي دڪاندارن، درزين، سياسي، سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت واپڊا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه: ٽيڪسي اسٽينڊ نه هجڻ ڪري شھر ۾ دڪانن، ھوٽلن ۽ سرڪاري عمارتن آڏو ٽيڪسيون بيھارڻ لڳا
لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏيڍ لک آبادي واري شهر باڊهه ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ نه هجڻ ڪري ٽيڪسي ڊرائيور پنهنجيون گاڏيون بازارن ۾ دڪانن، هوٽلن ۽ سرڪاري عمارتن آڏو بيهارين ٿا. شهر ۾ موجود 100 کان وڌيڪ ٽيڪسيون بازارن ۾ بيهارڻ سبب هتان جي ڪاروباري ماڻهن کي سخت پريشاني سان منهن ڏيڻو پوي ٿو.
وڌيڪ پڙھو -
اسين دولهه دريا خان۽ مخدوم بلاول وطن جي حفاظت ڪنداسين، جيئي سنڌ قومي تحريڪ
باڊهه ۾ جيئي سنڌ قومي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ آءِ ڊي پيز جي آمد خلاف پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته مظاهري دوران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي تحريڪ جي چيئرمين محمد علي خشڪ مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي فلسطين ٿيڻ نه ڏينداسين
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه: ڪچي جي ڳوٺ گبول ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ
باڊهه ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ گبول ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ، 3 عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي، هڪ عورت جي مبينا تذليل ڪئي وئي، سخت تشدد ڪري 3 ڪلاڪن تائين يرغمال بڻايو ويو، ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج، جوابدارن جي ڌر هئڻ جا الزام
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن کي پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف مظاھرو
باڊهه ويجهو سيهڙ وليج ۾ 10 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان ڳوٺاڻي غلام عمر انڙ جي قاتلن کي پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتول ڳوٺاڻي جي وارثن محمد قاسم انڙ، مجبيب الرحمان انڙ، واجد انڙ مسرور حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺا ڻن دانهيو ته واقعي کي 10 ڏينهن ٿي ويا آهن پر پوليس قاتلن کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: لوڊشيڊنگ، مهانگائي، پاڻي جي کوٽ ۽ ڌاريا آبادڪاري خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران مظاھرو
قومي عوامي تحريڪ پاران باڊهه ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، مهانگائي، پاڻي جي کوٽ توڙي ڌاري آبادڪاري خلاف مقصود سومرو، منصور منگي، زاهد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باڊهه پريس ڪلب وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه ڀرسان معصوم نينگر پراسرار نموني طور گم، وارث پريشان
باڊهه ڀرسان معصوم نينگر پراسرار نموني طور گم، وارث پريشان، باڊهه جي ڳوٺ مير محمد ملاڻو جو رهواسين معصوم نينگر ممتاز علي ولد الهه وسايو ملاڻو جنهن جي عمر 12 سال آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڀلاري مھيني جي ايندي ئي باڊھ ۾ مھانگائي چوٽ چڙھي وئي
لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏيڍ لک آبادي واري باڊهه شهر ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، هتان جا دڪاندار گيهه، کنڊ، دال، اٽو، چانور، سبزي، فروٽ، گوشت، مڇي سميت عام واهپي جي شين جا اگهه پنهنجي پسند موجب وصول ڪري عوام کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
جيئي سنڌ محتده محاذ (جسمم) جي مرڪزي سڏ تي باڊھ ۾ مڪمل ھڙتال رھي
جيئي سنڌ محتده محاذ (جسمم) جي مرڪزي سڏ تي تحفظ پاڪستان آرڊيننسس ڪاري قانوني جي خلاف اعلاڻيل هڙتال جي موٽ ۾ باڊهه شهر مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن ڪري سڄي شهر جو ڪاروبار بند رهيو
وڌيڪ پڙھو