خبرون
-
سنڌ ۾ سياست کان مٿاھون آءِ جي مقرر ڪنداسين، وزير اعظم
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ اهڙو آءِ جي مقرر ڪنداسين، جيڪو سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ٿي سگهي، گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهايو ويو
وڌيڪ پڙھو -
ڪورونا وائرس سبب مري ويلن جو تعداد 213 ٿي ويو
چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 213 تائين پهچي ويو جهن ته صحت واري عالمي اداري عالمي سطح تي هنگامي حالت لاڳو ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي قومي هيلٿ ڪميشن ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيل ماڻهن جو انگ 9 هزار 692 تائين پهچڻ جي تصديق ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
وفاقي حڪومت پاران ڪليم امام کي سيڪريٽري نارڪوٽيڪس مقرر ڪرڻ جو فيصلو
وفاقي حڪومت آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي سيڪريٽري نارڪوٽڪس ڊويزن لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب سيڪريٽري نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن امجد جاويد سليمي ٻن ڏينهن کانپوءِ رٽائرڊ ٿي رهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
فردوس عاشق اعواڻ پاران چين جي نئين سال جي موقعي تي چيني عوام کي مبارڪون
وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ عوامي جمهوريه چين جي نئين سال جي موقعي تي چيني عوام کي دلي مبارڪباد ڏني
وڌيڪ پڙھو -
پڊعيدن: ناجائزين خلاف سولنگي برادري جو احتجاجي مظاھرو
پدعيدن لڳ ڳوٺ حاجي محمد سليمان بڙدي جي رهواسين سولنگي برادري جي ماڻهن جو نيشنل پريس ڪلب پڊعيدن اڳيان پنهنجي ئي برادري جي بااثر ماڻھن جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
ڪرپشن خلاف واويلا ڪندڙ عرفانه ملاح حصو پتي ملڻ کانپوء پنھجي استادن خلاف ڪاروايون ڪري رھي آھي: ڊاڪٽر اظهر علي شاهه
سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن جي تنظيم سوٽا دي ريفارميسٽ پينل سميت يونيورسٽي جي استادن طرفان ڪاريون پٽيون ٻڌي پوري يونيورسٽي سميت سينٽرل لائبريري اڳيان احتجاج ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
آبپاشي کاتي پاران انڪروچمنٽ خلاف آپريشن، مسڪينن جا گھر پٽ، بااثر محفوظ
ميرپورماٿيلو شھر ۾ آبپاشي کاتي پاران انڪروچمنٽ خلاف آپريشن بااثرن جا گھر ڇڏي مسڪينن جا گھر ڊاٺا ويا
وڌيڪ پڙھو -
جلد ڪوهستان واسين جي ڳوٺن کي ريگيولرائيز ڪري کين مالڪاڻا حق ڏياريا ويندا، رياض حسين شاه شيرازي
پ پ ايم پي اي رياض حسين شاه شيرازي چيو آهي ته، ٺٽي جي ڏُڪار سٽيل ڪوهستاني پٽي جي 7 سئو کان مٿي ڳوٺن کي پڪو ڪرائڻ لاء سنڌ حڪومت ۽ پارٽي جي اعلئ قيادت آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي سفارش ڪئي ويئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
مڪلي جي رهواسي ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت قبضا مافيا خلاف احتجاج
مڪلي جي رهواسي ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت قبضا مافيا خلاف احتجاج، هٿياربندن حملو ڪري اسان کي ڳوٺ خالي ڪرائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن
وڌيڪ پڙھو -
وڏي وزير کي کي هٽائڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، محمد اسماعيل راهو
زراعت واري وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن جي چونڊيل حڪومت ۽ وڏي وزير کي کي هٽائڻ جو خواب ڏسندڙ غير جمهوري قوتن جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو
وڌيڪ پڙھو