ٺٽو

جلد ڪوهستان واسين جي ڳوٺن کي ريگيولرائيز ڪري کين مالڪاڻا حق ڏياريا ويندا، رياض حسين شاه شيرازي

ڪوهستان ۾ وڏو مسئلو لينڊ مافيا جو آهي، جيڪي ڪوڙن کاتن ذريعي مقامي ماڻهن جون ڪوهستاني زمينون ۽ سندن ڳوٺن جا پلاٽ ڦٻائڻ واري ڪاروبار ۾ ملوث آهن

ايم ايڇ ڪنڀار
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٺٽو
Riaz Hussain Sheraziپ پ ايم پي اي رياض حسين شاه شيرازي چيو آهي ته، ٺٽي جي ڏُڪار سٽيل ڪوهستاني پٽي جي 7 سئو کان مٿي ڳوٺن کي پڪو ڪرائڻ لاء سنڌ حڪومت ۽ پارٽي جي اعلئ قيادت آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي سفارش ڪئي ويئي آهي ۽ جلد ڪوهستان واسين جي ڳوٺن کي ريگيولرائيز ڪري کين مالڪاڻا حق ڏياريا ويندا، مڪلي پريس ڪلب ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون پيش ڪرڻ وقت ضلعي ڪائونسل جي ميمبر غلام حيدر شاه شيرازي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ايم پي اي رياض شاه شيرازي چيو ته، ڪوهستان ۾ وڏو مسئلو لينڊ مافيا جو آهي، جيڪي ڪوڙن کاتن ذريعي مقامي ماڻهن جون ڪوهستاني زمينون ۽ سندن ڳوٺن جا پلاٽ ڦٻائڻ واري ڪاروبار ۾ ملوث آهن، پر سنڌ حڪومت سندن سفارش تي جلد ڪوهستاني زمينن جا ٿيل ڪوڙا کاتا رد ڪري مقامي ماڻهن کي سندن حق ڏياريندي، ايم پي اي رياض حسين شاه شيرازي وڌيڪ چيو ته، ٺٽي شهر ۽ مڪلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو هميشه رهيو آهي، جنهن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاء ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان ڏَس ۾ وڏي وزير سندس درخواست تي ضلعي انتظامه کان فزيبلٽي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جنهن موجب ڪي ڊي اي واه مان سڌي ريت ٺٽي ۽ مڪلي واسين کي پيئڻ جو پاڻي ڏيارڻ لاء واٽر سپلاء اسڪيم منظور ڪرائي ويندي، جنهن سان پاڻي جو مستقل مسئلو حل ٿي ويندو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسان جي ماء آهي، ڌرتي جي سرزمين کي بچائڻ ۽ مقامي ماڻهن کي تحفظ ڏيارڻ لاء هر فورم تي ڀرپور آواز اٿاريو ويندو، هن چيو ته هڪ منظم سازش تحت ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري لکيو ۽ پڙجيو وڃي ٿو، جنهن ۾ تعصب پرست ڌريون شامل آهن، جڏهن ته ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي، انڪري اهڙي تعصب واري رويي خلاف سنڌ اسميبلي ذريعي قرارداد پڻ پاس ڪئي ويندي، ان موقعي تي ايم پي اي رياض شاه شيرازي مڪلي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر محبوب بروهي سميت سمورن نون عهديدارن ۽ ورڪنگ ڪميٽي جي ميمبرن کي مبارڪون پيش ڪيون ۽ لُنگين ۽ اَجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button