پرڏيھي خبرون

ڪورونا وائرس سبب مري ويلن جو تعداد 213 ٿي ويو

Update: confirmed cases exceed SARS outbreak, death toll reaches 213

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ

Coronavirus
ڪورونا وائرس سبب مري ويلن جو تعداد 213 ٿي ويو

چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 213 تائين پهچي ويو جهن ته صحت واري عالمي اداري عالمي سطح تي هنگامي حالت لاڳو ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي قومي هيلٿ ڪميشن ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيل ماڻهن جو انگ 9 هزار 692 تائين پهچڻ جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ نگراني هيٺ آهن. گڏيل قومن جي اداري ڊبليو ايڇ او غير معمولي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عالمي طور تي هنگامي حالت کي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جينيوا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر چين کان ٻاهر ماڻهن ۾ وائرس پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ جو اصل سبب اِهو ناهي ته چين ۾ ڇا ٿي رهيو آهي پر ان جو سبب اِهو آهي ته ٻين ملڪن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، اسان کي ڳڻتي آهي ته اِهو وائرس اسان جي ڪمزور صحت واري نظام سان ٻين ملڪن ۾ به ڦلهجي سگهي ٿو. صحت واري عالمي اداري جي ڊائڪريٽر وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ چيني حڪومت جي غير معمولي قدمن کي ساراهيو ۽ چين تي واپاري ۽ سفري پابندين جي امڪان کي خارج ڪري ڇڏيو. ڊائريڪٽر ڊبليو ايڇ او چيو ته اسان کي ان طاقتور وائرس جي ٻين ملڪن تائين ڦهلاءَ ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي ڪمزور صحت واري نظام تي گهڻي ڳڻتي آهي جڏهن ته هنگامي حالت چين تي عدم اعتماد ناهي. عالمي صحت واري اداري (ڊبليو ايڇ او) جو چوڻ آهي ته سرحدون بند ڪرڻ ڪورونا وائرس کي روڪڻ جو اثرائتو طريقو ناهي، بلڪه ان سان وائرس اڃا تيزي سان ڦهلجندو. ڊبليو ايڇ او جي ترجمان ڪرسچيئن لنڊميئر جنيوا ۾ خبر ڪيو آهي ته جيڪڏهن چين سان سرڪاري سرحدون بند ڪيون ويون ته توهان ان وائرس کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي ٽريڪنگ کان محروم ٿي ويندا ۽ ان سان ماڻهن جي نقل و حرڪت کي وڌيڪ مانيٽر نه ڪري سگهندا. ترجمان وڌيڪ چيو ته ان مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو، ان وائرس تي اسان هڪ ئي طريقي سان قابو آڻي سگهون ٿا ته اسان وڌ کان وڌ احتياط ڪريون، جيڪو شخص به جنهن ملڪ يا جڳهه تي اچي رهيو آهي، ان متعلق سڄي معلومات حاصل ڪريون، سرحد پار ايندڙ ويندڙ ماڻهن بابت معلومات رکون ۽ اهو ڏسون ته ايندڙ ڪنهن شخص ۾ ڪورونا وائرس جي ڪا نشاني ته ناهي ۽ جيڪڏهن اهڙو شخص آهي ته ان کي فوري طور طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ترجمان جو چوڻ هو ته اهو ئي سبب آهي ته وائرس سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مانيٽرنگ جاري رکڻ لاءِ سرحدن جو کليل هئڻ تمام ضروري آهي. ڊبليو ايڇ او موجب ڪورونا وائرس هڪ کان وڌيڪ وائرس جو ڪٽنب آهي، جنهن جي ڪري عام سيءُ کان ويندي سنگين نوعيت جون بيماريون، جيئين مڊل ايسٽ ريسپائريٽري سنڊروم (مرس) ۽ سيويئر ايڪيوٽ ريسپائريٽري سنڊروم (سارس) جهڙن مرضن جو سبب بڻجي سگھي ٿو. اهو وائرس عام طور تي جانورن وسيلي انسانن ۾ منتقل ٿين ٿا. مثال طور سارس جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته اهو ٻلين جي هڪ خاص نسل سيويٽ ڪيٽس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ان مان انسانن ۾ منتقل ٿيو، جڏهن ته مرس جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته اهو هڪ خاص نسل جي اٺ مان انسانن ۾ منتقل ٿيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button