خبرون
-
سکر: ٽرين مسافر ڪوچ سان ٽڪرائجي ويئي، 18 ڄڻا مارجي ويا، 60 زخمي
روهڙي ويجهو هينانءُ ڏاريندڙ حادثو، 18 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪراچي کان پنجاب جي شهر سرگوڌا ويندڙ مسافر ڪوچ ان وقت خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جڏهن ڪوچ کليل ڦاٽڪ وٽان ريلوي ٽريڪ تان گذري رهي هئي ته ٽرين جي زد ۾ اچي وئي.
وڌيڪ پڙھو -
رتوديرو: دي اسڪالرز ايسوسئيٽس طرفان شهر اندر شروع ڪيل وڻڪاري مهم جو سلسلو جاري
رتوديرو جي سماجي تنظيم دي اسڪالرز ايسوسيئيٽ طرفان ڌرتيءَ سان محبت جي اظهار طور شهر ۾ وڻڪاري مهم وڻ لڳائڻ جو سلسلو اڄ ڏهين ڏينهن به جاري رهيو
وڌيڪ پڙھو -
تعليمي ادارن ۾ خدمت ڪرڻ سڀ کان پهرين ترجيح آهي، ڪي ڪي ڏيرو
تعليمي ادارن کي سگهارو بڻائڻ لاء ڪوشان آهيان، تعليمي ادارن ۾ خدمت ڪرڻ سڀ کان پهرين ترجيح آهي، آڪسفورڊ گرامر اسڪول تعليمي لحاظ سان اڳڀرو آهي، جنهن معياري تعليم سان پنهنجو نالو ڪمايو آهي: ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو
وڌيڪ پڙھو -
ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي ترڪي سان لاڳاپا متاثر نه ٿيا: شاھ محمود قريشي
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ سان ترڪي سان اسان جا لاڳاپا متاثر نه ٿياجڏهن ته ترڪ صدر جي پاڪستان آمد کان پوءِ ترڪي سان خراب لاڳاپن تي اڳڪٿيون ساهه ڇڏائي وينديون.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ناٿن شاھ: گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ۾ ناٿن شاھ ڪرڪيٽ ليگ جو افتتاح ڪيو ويو
خيرپور ناٿن شاھ :گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ۾ ناٿن شاھ ڪرڪيٽ ليگ جو افتتاح ڪيو ويو جنهن جو افتتاح ڊاڪٽر منظور علي کوهارو، طارق ممتاز کوهارو، فهد ممتاز کوهارو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽي ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
وزير اعظم عمران خان پاران عام واھپي جي شين جا اگھ گھٽائڻ جو فيصلو
وفاقي حڪومت اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو آهي ته جيڪڏهن غريبن جو احساس نه ٿا ڪري سگهون ته حڪومت ۾ رهڻ جو ڪو به حق نه آهي
وڌيڪ پڙھو -
پڊعيدن: ڳوٺاڻي پاران موتمار ڌمڪين ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو
پڊعيدن جي ڳوٺ چيهو جي رهواسي حاڪم منگي جو پنهنجي ڀيڻوي سرور منگي ان جي پٽ وسيم منگي ۽ ٻين بااثرن جي ناجائزين ۽ موتمار ڌمڪين جي خلاف نيشنل پريس ڪلب پڊعيدن اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
سپريم ڪورٽ پاران جديد ڪراچي ڊيزائن ٻيهر جوڙڻ جو حڪم
سُپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کي جديد گهرجن موجب ڪراچي جي ٻيهر ڊزائين ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اُن لاءِ سول انجنيئرز ۽ ماهرن کان به مدد ورتي وڃي. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ۾ چيو ته خبر ناهي ڇا هلي رهيو آهي، ڪنهن تي ڀروسو ڪريون؟
وڌيڪ پڙھو -
آءِ ايم ايف وڌيڪ نوان ٽئڪس لڳائڻ جا شرط رکي ڇڏيا
آءِ ايم ايف حڪومت کي وڌيڪ نوان ٽئڪس لڳائڻ ۽ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 300 ارب رپين کان وڌيڪ ڊيوٽي ٽئڪس جي ڇوٽ ۽ رعايت ختم ڪرڻ جو چيو آهي، اسلام آباد ۾ بين الاقوامي مالياتي فنڊ ۽ ايف بي آر جي عملدارن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن
وڌيڪ پڙھو -
مھانگائي چوٽ چڙھي ويئي آھي، اسد عمر جو اعتراف
منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستاني عوام ڏکيائين مان گذري رهيو آهي ۽ هن وقت ماڻهن جون زندگيون تڪليف ۾ آهن. ملڪ ۾ مهانگائي جو جن بي قابو آهي
وڌيڪ پڙھو