اسلام آباد

آءِ ايم ايف وڌيڪ نوان ٽئڪس لڳائڻ جا شرط رکي ڇڏيا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ
آءِ ايم ايف حڪومت کي وڌيڪ نوان ٽئڪس لڳائڻ ۽ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 300 ارب رپين کان وڌيڪ ڊيوٽي ٽئڪس جي ڇوٽ ۽ رعايت ختم ڪرڻ جو چيو آهي، اسلام آباد ۾ بين الاقوامي مالياتي فنڊ ۽ ايف بي آر جي عملدارن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، پر ايف بي آر ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽئڪس اوڳاڙين جو هدف گهٽ ڪرڻ ۽ اضافي روينيو گڏ ڪرڻ لاءِ ريگيوليٽري ڊيوٽي ۽ ڪسٽمر ڊيوٽين جي شرح ۾ گهٽتائي تي اتفاق نه ٿي سگهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ٽئڪس اوڳاڙين جو نظرثاني ڪيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٽئڪس لڳائڻ تي زور ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ به 300 ارب رپين کان مٿي جي ڊيوٽي ۽ ٽئڪس ڇوٽ ۽ رعايت ختم ڪرڻ جو چيو آهي، جي ايس ٽي جي حوالي سان ايف بي آر چيو آهي ته وڌيڪ ٽئڪس لڳائڻ يا درآمد وڌائڻ سان مهانگائي جي شرح ۾ اضافو ٿيندو، تنهن هوندي به آءِ ايم ايف جو موقف آهي ته ٽئڪس اوڳاڙين جي هدف ۾ ايف بي آر پهرين ئي 300 ارب رپين جي گهٽتائي ڪري چڪو آهي، البته آءِ ايم ايف نجڪاري پراسيس کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان 27 ادارن جي نجڪاري لاءِ ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر جي منظوري تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ايف بي آر جي عملدارن آءِ ايم ايف جي ٽيم کي آگاهه ڪيو آهي ته ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ ۽ درآمدات جي گهٽتائي جي ڪري روينيو شارٽ فال آهي، جيڪڏهن ان ۾ ٿوري به سهولت ڏني وڃي ته ان سان روينيو ۾ بهتري ايندي، تنهن هوندي به آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پهرين ئي شارٽ فال تمام گهڻو آهي ۽ جيڪڏهن ڊيوٽي ٽئڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي ته ان سان ادائگين جي توازن ۾ بگاڙ سان گڏ مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ ايڪسٽرنل فرنٽ تي ايندڙ بهتري به متاثر ٿيندي. ايف بي آر جي ٽيم آءِ ايم ايف عملدارن کي ٽئڪس اوڳاڙين جي هدف ۾ وڌيڪ ڪمي ۽ ڊيوٽي ٽئڪسن ۾ ڪمي لاءِ راضي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، آءِ ايم ايف ٽيم سان گڏ ڳالهين جو چوٿون دور اڄ ٿيندو ۽ آءِ ايم ايف سان ايندڙ هفتي پاليسي سطح جون ڳالهيون ٿينديون، جنهن ۾ معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ آءِ ايم ايف سان ٻي اقتصادي جائزي بابت ڳالهين جي ڪاميابي تي پاڪستان کي 45 ڪروڙ ڊالر جي قسط ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڪستان کي هينئر تائين آءِ ايم ايف وٽان هڪ ارب 44 ڪروڙ ڊالرز قرضن جو ٻه قسطون ملي چڪيون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button