رتوديرو

رتوديرو: دي اسڪالرز ايسوسئيٽس طرفان شهر اندر شروع ڪيل وڻڪاري مهم جو سلسلو جاري

شهر جي مختلف اسڪولن پرائمري اسڪول ون ٽو حسن پور وانڍھ ڀٽا جوڳي محلا ۽ ٻين مختلف هنڌن تي وڻ پوکيا ويا

ڏهن ڏينهن ۾ شهر جي اسپتالن پبلڪ پارڪن اسڪولن ڪاليج شهيد بشير خان جي مزار ۽ قبرستان سميت ٻه سئو کان وڌيڪ وڻ ۽ ٻوٽا پوکيا آهن چيئرمين حسن ڪنگو امداد عباسي
سنڌي شڪيل دايو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، رتوديرو
Ratodero planting trees

رپورٽ موجب. رتوديرو جي سماجي تنظيم دي اسڪالرز ايسوسيئيٽ طرفان ڌرتيءَ سان محبت جي اظهار طور شهر ۾ وڻڪاري مهم وڻ لڳائڻ جو سلسلو اڄ ڏهين ڏينهن به جاري رهيو شهر جي مختلف اسڪولن ۾ وڻ لڳايا ويا جنهن ۾ تعلقہ ايجوڪيشن آفيسر رتوديرو عبدالرشید چانڊيو پ ٽ الف اڳواڻ صدرالدين عمراڻي اسڪولن جي هيڊماسترن وسيم احمد ٻگهيو تراب علي ابڙو غلام مرتضىٰ ميمڻ نزاڪت علي ابڙو محمد يوسف جلباڻي آفتاب احمد جويو رياض احمد قاضي حاجن سيال ۽ ٻين استادن دي اسڪالرزايسوسئيٽس جي اڳواڻن چيئرمين حسّن نصراللّه ڪنگو،ڊاڪٽر امداد عباسي ظفر لانگاھ علي نور ڪنگو ابرار چنو سجاد ٿهيم محسن سپر آڪاش منگي احد ڪنڀر ۽ ٻين سان گڏجي وڻ ۽ ٻوٽا پوکيا ان موقعي تي مٿين اڳواڻن چيو ته دي اسڪالرز ايسوسيئيٽس طرفان وڻڪاري مهم جو آغاز ڪرڻ هڪ بهتر سٺو ۽ ساراھ جوڳو عمل آهي هن سان شهر اندر آبھوا جو بهتر ماحول پيدا ٿيندو ۽ هن وڻڪاري مهم بهتر نتيجا نڪرندا ۽ شهرين کي هڪ پرسڪون ماحول ملندو دي اسڪالرز ايسوسيئيٽس جي اڳواڻن چيو ته شهرواسين استادن شاگردن ڊاڪٽرن صحافين سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان اسان کي سٺي موٽ ملي رهئي آهي اسان انهن سڀني جا شڪر گذار آهيون جن پنهنجي شهر جي خوبصورتي ۽ ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسان جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ اسان جو ساٿ ڏنو هنن چيو ته اسان پنهنجي وس آهر شهر کي بهتر ماحول مراهم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ۽ محنت جاري رهندي جيڪا اسين عبادت سمجهي خلق خدا جي لاءِ خدمت ڪري رهيا آهيون

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button