ڪراچي

سپريم ڪورٽ پاران جديد ڪراچي ڊيزائن ٻيهر جوڙڻ جو حڪم

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ
ڪراچي : سُپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کي جديد گهرجن موجب ڪراچي جي ٻيهر ڊزائين ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اُن لاءِ سول انجنيئرز ۽ ماهرن کان به مدد ورتي وڃي. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ۾ چيو ته خبر ناهي ڇا هلي رهيو آهي، ڪنهن تي ڀروسو ڪريون؟ سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ غيرقانوني اڏاوتن ۽ ڪراچي جي اصل شڪل ۾ بحاليءَ واري ڪيس جي ٻڌڻيءَ ٿي، جنهن دوران جسٽس فيصل عرب اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته بحريه ٽائون ۽ ٻين کي زمين الاٽ ڪري رهيا هئا ته راندين جي ميدانن ۽ پارڪس لاءِ زمينون ڇو نه رکيون؟ اهو ئي سور آهي ته توهان کي پاڻ کي خيال نه آهي. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس پُڇيو ته سٽي پلان جي ڪا ڪميٽي آهي؟ جنهن تي چيف سيڪريٽري سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته جي ماهرن جي ڪميٽي ڪم شروع ڪيو آهي، اسان ڪابينا کي سفارشون اُماڻيون آهن، ٿورو وقت لڳندو. عدالت ريمارڪس ۾ حڪم ڏنو ته هاڻي ڪراچي جي ري ڊزائيننگ نه لکندو، بلڪه رڳو تجويزون ڏيندو. عدالت چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته ڪراچي ۾ حددخلين جي مڪمل خاتمي، ڪچي آبادين جي ٻيهر آبادڪاري جي حوالي سان سفارشون ڏيون. ميڊيا ذريعي به لاڳاپيل ماهرن کان سفارشون وٺو.ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته نهر خيام تي اڏاوتي سرگرمين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ٿيل آهي، جنهن تي عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڪيس فوري طور اُڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سُپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته نهر خيام تي اڏاوتي سرگرميون فوري طور شروع ڪيون وڃن، اسان نٿا چاهيون ته اسان جي واتان اهڙو لفظ نڪري، جيڪو ڪنهن لاءِ نقصانڪار هجي. پر مسئلو اُهو آهي ته توهان جو ڪو ادارو ٺيڪ نه آهي، جنهن تي اي جي سنڌ سلمان طالب الدين چيو ته جي توهان ٺيڪ چئي رهيا آهيو، ڪوبه ادارو ٺيڪ نه آهي. سُپريم ڪورٽ ڪراچي جي ٻيهر ڊزائين ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته ڪراچي کي جديد ترين شهر ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو؟ عدالت ڊزائين ٺاهڻ لاءِ سول انجنيئرز، ماهرن ۽ ٽائون پلانرز کان به مدد وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو ته ڪراچي ڪيئن بهتر ٿيندو؟ اُن حوالي سان آگاهي مهم به هلائي وڃي، اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز تي ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته ڪراچي ڪيئن بهتر ٿيندو؟ ايندڙ سيشنز ۾ سنڌ سرڪار جي تجويزن جو جائزو ورتو ويندو.
ايدووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين چيو ته هو عدالت کي يقين ڏياري ٿو ته سنڌ سرڪار سٺيون تجويزون ڏيندي، هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هو پاڻ به ٻڌائيندو ته ڪراچي جي مستقبل لاءِ ڪهڙو حتمي پلان آهي. جنهن تي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته خبر ناهي ته ڇا هلي رهيو آهي، ڪنهن تي ڀروسو ڪريون

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button