پرڏيھي خبرون

بل گيٽس طرفان 99 سيڪڙو دولت عطيو ڪرڻ جو اعلان

انڊس نيوز، مانيٽرنگ ڊيسڪ

مائڪرو سافٽ جو باني ۽ دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ، بل گيٽس، اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ 20 سالن دوران پنهنجي دولت جو 99 سيڪڙو حصو عطيو ڪندو.

بل گيٽس ٻڌايو ته هن جو ارادو آهي ته 2045 تائين "بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن” جي آپريشنز کي ختم ڪيو وڃي، ۽ ان وقت تائين پنهنجي دولت کي خيراتي ڪم لاءِ استعمال ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي.

بل گيٽس

هن پنهنجي تازي بلاگ پوسٽ ۾ لکيو:
"جڏهن مان مري وڃان ته ماڻهو منهنجي باري ۾ گهڻيون ڳالهيون ڪندا، پر مان نه ٿو چاهيان ته اها ڳالهه ٿئي ته ‘هو جڏهن مريو ته هن وٽ اڃا به تمام گهڻي دولت هئي’.”

69 ورهين جي بل گيٽس موجب، سندس فائونڊيشن صحت ۽ ترقيءَ جي شعبن ۾ اڳ ئي 100 ارب ڊالر خرچ ڪري چڪي آهي، ۽ اميد آهي ته ايندڙ 20 سالن ۾ وڌيڪ 200 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويندا.

هن بلاگ ۾، بل گيٽس 1889 ۾ لکيل اينڊريو ڪارنيگي جي مضمون "The Gospel of Wealth” جو حوالو پڻ ڏنو، جنهن ۾ زور ڏنو ويو هو ته امير ماڻهن تي ذميواري آهي ته هو پنهنجي دولت سماج لاءِ خرچ ڪن.
بل گيٽس ڪارنيگي جو مشهور قول پڻ ورجايو:
"جيڪو ماڻهو پنهنجي دولت سان گڏ مري ٿو، اهو شرمناڪ موت مري ٿو.”

هن جو اهو بيان ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هو خيراتي ڪم ۾ اڳ کان به وڌيڪ اڳڀرو ٿيندو. ياد رهي ته شروعاتي طور بل گيٽس ۽ سندس اڳوڻي زال ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي سرگرمين کي پنهنجي موت کان به ڏهاڪن تائين جاري رکڻ جو ارادو رکندا هئا.

پر هن منصوبي ۾ تبديلي جي پٺيان، بي بي سي جي پروگرام ‘نيوز آور’ ۾ ڳالهائيندي بل گيٽس چيو ته:
"ايندڙ 20 سالن ۾ نوان امير ماڻهو سامهون ايندا، جيڪي مستقبل جي چئلينجن سان ڀرپور نموني مقابلو ڪري سگهندا. مان سمجهان ٿو ته دولت جلد خرچ ڪرڻ بهتر آهي، ۽ عطيو ڏيڻ جو هي عمل منهنجن قدرن سان ميل رکي ٿو.”

بلومبرگ جي رپورٽ موجب، 99 سيڪڙو دولت عطيو ڪرڻ باوجود، بل گيٽس ارب پتي رهندو، ڇاڪاڻ ته هو اڃا به دنيا جي پنجين امير ترين شخصن مان هڪ آهي.

پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾، هن پنهنجي دولت جي ٽائيم لائين پڻ شيئر ڪئي، جنهن موجب هن وقت سندس مجموعي دولت 108 ارب ڊالر آهي، ۽ اهو امڪان آهي ته 2045 تائين هي دولت خيراتي ڪم ذريعي لڳ ڀڳ ختم ٿي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button