لاڙڪاڻو

مري سانحي جا ذميدار وزيراعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير آهن، نثار کهڙو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، لاڙڪاڻو
پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آھي تہ مري سانحي جا ذميدار وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جو وڏو وزير آهن ان لاء مري سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي قتل جو ڪيس وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير خلاف داخل ڪيو وڃي ـ نثار کهڙو اھڙو مطالبو آچر ڏينھن لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ ڪيوـ ھن چيو تہ خراب موسم ۽ برفباري جي اڳواٽ اطلاع باوجود وفاق ۽ پنجاب حڪومت ڪي به قدم نه کنيا ۽ وزيراعظم عمران خان مري سانحي جي حڪومتي ۽ انتظامي ناڪامي تسليم ڪرڻ بدران الزام مري ويندڙ متاثرن تي لڳائي رهيو آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا اهو عمل وزيراعظم جي ذهني پستي ظاهر ڪري ٿو. نثار کهڙو چيو تہ وزيراعظم قوم کي جواب ڏئي ته برفباري جو اڳواٽ اطلاع هجڻ باوجود حڪومت اڳواٽ بندوبست ڪرڻ لاءِ نااهل هئي ته پوءِ مري ويندڙ رستن کي بند ڇو نه ڪيو ويو ۽ عوام کي مري طرف ڇو ڇڏيو ويو. هڪ طرف وفاقي وزير مري ويندڙ عوام جي رش کي خوشحالي قرار ڏئي عوام کي اڪسائيندا رهيا ته ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سانحي جو ذميدار مري ويندڙن کي قرار ڏئي رهيو آهي اهو قوم جو مذاق اڏائڻ بند ڪيو وڃي. ھن چيو تہ مري ۾ حڪومت هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري سميت لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڇو نه رکيو، اها حڪومت جي مڪمل ناڪامي آهي ـ ھن چيو تہ مري ۾ حڪومتي ناڪامي تي 22 جانيون ضايع ٿيون ۽ ماڻهو مصيبت ۾ ڦاٿل رهيا پر وفاقي وزير پريس ڪانفرنسن ۾ کلندي قوم جو مذاق اڏائيندا رهيا. ھن چيو تہ ملڪ تي مصيبت وانگر مڙهيل حڪومت پوري ملڪ ۽ عوام کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو آهي انـڪري ملڪ ۾ عوام جي تمام جلد هن نااهل حڪمرانن مان جان ڇڏائينداسين. نثار کهڙو چيو تہ وفاقي حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ 27 فيبروري کان مزار قائد کان بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ لانگ مارچ شروع ٿيندو ۽ لانگ مارچ جي ڪاروان ۾ سنڌ مان لکين ماڻهو شامل ٿي لاهور کان اسلام آباد طرف رخ ڪندا ۽ هن حڪومت مان جان ڇڏائينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button