ٽنڊو محمد خان

ٽنڊو محمد خان: مرحوم مخمور مهيري جي 87 هين سالگرهه ملھائي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٽنڊو محمد خان

Birthday of Makhmoor Amheriانجمن ترقي پسند مصنفين چيپٽر پاران سنڌي ادبي سنگت, مهراڻ ادبي سٿ, محمد خان غني ادبي تنظيم ۽ مخمور بزم ادب جي سهڪار سان نامياري شاعر, اديب ۽ سينئر صحافي مرحوم مخمور مهيري جي 87 هين سالگرهه ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جي چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻي واري تقريب ساس آفيس سوڪ سينٽر ۾ منعقد ڪئي ويئي ، تقريب جي صدارت نامياري اديب ۽ تاريخدان عبدالجبار "قاسم” نظاماڻي ڪئي, جڏهن ته مهمان خاص ناميارو ليکڪ مور ساگر, اعزازي مهمان سنڌي ادبي سنگت جو ضلعي رابطه سيڪريٽري اعظم ڀٽي, سنڌي ادبي سنگت شاخ جو سيڪريٽري آغا جان آغا, سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو ضلعي رابطه سيڪريٽري سارنگ شاهه, نصرت ميمڻ, زاهده ڀٽي, استاد عبدالڪريم سومرو هئا. تقريب کي انجمن ترقي پسند مصنفين چيپٽر جي صدر اعجاز علي جسڪاڻي, مخمور مهيري جي فرزند محمد علي مهيري, نثار احمد ناز, ڊاڪٽر جي ايم گل, سينيئر صحافي جميل ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي مخمور مهيري جي علمي, ادبي ۽ صحافتي ڪردار تي روشني وجهندي, سنڌي ادبي سنگت شاخ جي نون چونڊيل عهديدارن کي واڌايون ڏنيون. مقررن سنڌي ادبي سنگت جي شاندار علمي, ادبي ۽ ثقافتي ڪردار کي ساراهيو. ان کان اڳ سمورن مهمانن کي اجرڪون اوڍايون ويون. تقريب ۾ نوجوان راڳي جان محمد لغاري, ومل کيمچند شرما, پوهۡومل ۽ مدثر بهراڻي خوبصورت ڪلام ڳائي تقريب کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا . ان موقعي تي نامياري پبلشر ۽ ليکڪ مور ساگر, سنڌي ادبي سنگت لائبريري لاء هڪ سئو ڪتابن جو عطيو ۽ سينيئر صحافي جميل ميمڻ سنڌي ادبي سنگت لائبريري لاء هڪ عدد ڪمپيوٽر سيٽ عطيي طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button