سانگھڙ

سانگھڙ: ٽريڪٽر ٽرالين جي مالڪن، ڊرائيورن ۽ مزدورن پاران پوليس ۽ ٻيلي کاتي وارن خلاف مظاھرو

Protest at Sanghar

ايس بلوچ
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،سانگهڙ
ضلعي جي مختلف علائقن مان ڪاٺ کڻندڙ ٽريڪٽر ٽرالين جي مالڪن، ڊرائيورن ۽ مزدورن پاران پوليس ۽ ٻيلي کاتي وارن خلاف پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ان موقعي تي احتجاجي مظاهرو ڪندڙن مراد خان، ملڪ شير، حاجي خان جوڻيجو، ڀائي خان راڄڙ، مير حسن ڪيريو، لونگ خان، ۽ ٻين چيو ته اسان مان ڪو به ٽريڪٽر ٽرالي وارو سرڪاري ڪاٺ خريد نه ٿو ڪري ۽ نه ئي کڻي ٿو اسين صرف آبادگارن پاران پنهنجي زمين جو وڪرو ڪيل ڪاٺ کڻو ٿا ان جي باوجود پوليس رستن تي تنگ ڪري ٿي 3 ھزار کان 5 ھزار تائين ٽريڪٽر ٽرالي جا وٺي ٿي نه ڏيندڙن کي چالان ڪيو وڃي ٿو اڳ ئي 32 ماڻهو ڪوڙن ڪيسن م عدالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن پوليس جي زيادتين کان بچايو وڃي جيڪو به سرڪاري ڪاٺ خريد ڪري يا کڻي ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي باقي آبادگارن کان ڪاٺ خريد ڪندڙن جن وٽ مختيار ڪار جو 7 فارم ۽ ڊپٽي ڪمشنر جو اجازت نامو ھوندو آھي انھن کي تنگ نه ڪيو وڃي ھنن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر جي اجازت باوجود ٻيلي کاتي جا عملدار اجازت نه ٿا ڏين باقي ٻيلي کاتي جو ڪاٺ سرعام وڪرو ڪيو وڃي ٿو انھن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي ھنن چيو ته اسان جي احتجاج جو مقصد اهو آهي ته اسان کي سرڪاري اجازت مليل آبادگارن جو ڪاٺ کڻڻ جي اجازت ڏني وڃي ٻيلي کاتي ۽پوليس جي زيادتين کان بچايو وڃي اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن مجبور ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي انصاف ڪيو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button