ٽنڊو محمد خان

ٽنڊو محمد خان:جيم خانه ڪلب ۾ ڪتابي ميلي جا اھتمام ڪيو ويو

انڊس نيوز، ٽنڊومحمدخان

book fair at tmk
ٽنڊو محمد خان جي جيم خانه ڪلب ۾ پهريون ڀيرو ڪتابي ميلو منعقد ڪيو ويو ، ڪتابي ميلي جو ناليواري اديب ڊاڪٽر انور علي عالماڻي ، جيم خانه ڪلب جي صدر نبي بخش سٺيو ، شهري اتحاد جي صدر نور حسن کوکر ۽ ٻين افتتاح ڪيو ، انهي موقعي تي اديبن شاعرن ، وڪيلن ، سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيو ته ڪتابي ميلو لڳائڻ سان نوجوانن ۾ ڪتابي شعور جي بيداري گهٽجي سگهندي ، جنهن ۾ نوجوان اڄوڪي جديد دور ۾ پنهنجي شعور کي وڌيڪ بلند رکڻ لاءِ ڪتابن جو مطالعو ڪري وڌيڪ معلومات ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا ، جديد دور جي ٽيڪنالاجي ۾ ڪتاب جي اهميت اڄ به ختم ٿي نه سگهي آهي ، ڪتاب انسان جي اڪيلائپ جو بهترين دوست آهي جيڪو کيس معاشري ۾ پنهنجي سڃاڻپ جو هڪ منفرد الڳ مقام ڏيارڻ ۾ ڀرپور ساٿ ۽ مدد ڪري ٿو کيس دنيا جي سموري نظام بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻ سان گڏ کيس ذهني سڪون پهچائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو ، ڪتابي ميلي ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ، جڏهن ته جي ايم خانه ڪلب طرفان هر سال ڪتابي ميلو لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button