انساني تھذيب جي شروعات
غلام اصغر ڀٽو
بي ايس: پاڪستان اسٽڊيز۔
انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد۔
انسان جي ھن زمين جي گولي تي ابتدا ٿيڻ کانپوءِ سندس جي سڀ کان وڏي ڪوشش کاڌي جي ڳولا ۽ جانورن جي حملي کان بچڻ لا۽ محفوظ جڳھ جي تلاش ھئي۔ ھو کائڻ لاء ميون، فصلن، شڪار ذريعي جانورن جي گوشت، پکين ۽ ٻين قدرتي ذريعن تي ڀاڙيندو رھيو، جڏھن ته رھڻ لاءِ جبلن جي غارن ۽ گھاٽن ٻيلن جي مدد ورتي. ھن انسان جي رھڻ جي ڪا مخصوص جڳھ نه ھئي بس جتي کاڌي جي ڳولا ۾ رات پيس اتي ئي لڪي رھيو۔
جڏھن ھن جي سوچ ۾ اضافو ٿيو ته ھن وڻن جي وڏن پنن سان جسم کي ڍڪڻ شروع ڪيو. جديد دؤر جي طرف وڌنڌي ھن زراعت جي لاءِ پوکائي شروع ڪئي، فصل جي پچڻ تائين ھن کي اتي ئي رھڻو پيو جنھن جو ھو انتظار ڪندو رھيو ۽ ايئن ئي ھن ھڪ ئي جڳھ تي رھڻ شروع ڪيو. زراعت جي وجود ھن جي ٻنھي ڪوششن کي مڪمل ڪري ڇڏيو، يعني کاڌي جي تلاش ۽ رھائش. ھڪ ئي جڳھ تي رھڻ لا۽ ھن پنھنجي رھائش کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش به شروع ڪئي ته جيئن ڪنھن طاقتور جانور جي حملي کان بچي سگھجي. دنيا ۾ انسانن جي آباديءَ ۾ واڌارو اچي رھيو ھو، ھنن پنھنجي زندگيءَ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ وسيلن تي قبضن جي شروعات ڪري ڏني، ھڪٻئي خلاف وسيلن جي ورھاست تي تضاد ۽ مسئلا پيدا ٿيندي ئي ھو قبيلن ۾ ورھائجي ويو. اھڙي طريقي سان قبيلا وجود ۾ آيا. قبيلن جو وجود ۾ اچڻ کانپو۽ سندن ڪوشش ساڳي ئي رھي، يعني وسيلن تي قبضو. اڳتي ھلي ھنن جي قبيلن ۾ ھڪ ئي شخصيت اڀرندي نظر آئي، ھن شخص پنھنجي قبيلي جي نمائندگي ڪرڻ شروع ڪئي۔ اھڙيء ريت ھر قبيلي کي پنھنجو پنھنجو نمائندو مليو. ھنن نمائندن پنھنجي قبيلن تي مشتمل ننڍيون ننڍيون بادشاھتون قائم ڪيون. ھنن جي دؤر ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ان بادشاھ کي سمجھيو ويندو ھو جنھن جي بادشاھيءَ ۾ گھڻي کان گھڻا ماڻھو موجود ھوندا ھئا. آبادي گھٽ ھجڻ ڪري بادشاھ جي اھا ڪوشش ھوندي ھئي ته گھڻي کان گھڻا ماڻھو سندس جي بادشاھي ۾ ھجن ته جيئن ھو وڌيڪ طاقتور بڻجي فخر محسوس ڪري.
زراعت جي اھميت کي ڏسندي بادشاھن ذرخيز زمينن جي ڳولا شروع ڪئي ۽ جتي ذرخيز زمينون دريافت ڪيائون اتي رھائش جو بندوبست به ڪيائون، ھي ذرخيز زمينون وادين ۾ ھلندڙ پاڻي يا دريائن جي ڪنارن تي معلوم ٿيون۔ جتي ھنن قبضا ڪرڻ شروع ڪيا، اوھان جيڪڏھن مشاھدو ڪيو ته اڄ جي پاڪستان ۾ جتان جتان سنڌو يا ٻين دريائن جو پاڻي گذري ٿو، زمين زرخيز بڻجي وڃي ٿي ۽ اتي پوک به بھتر ٿئي ٿي۔ اڃا وڌيڪ ته ھي زمينون دريائن، ندين ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي مشتمل آھن۔ واپس اچون ته درياء ۾ پاڻيء جي گھڻي مقدار جي ڪري جيڪي زمينون ذزخيز بڻيو وڃن، زراعت جي ڪري ھنن انھن دريائن جي ڪنارن تي رھڻ شروع ڪيو. ھڪٻئي خلاف وسيلن تي تضاد ۽ قبضن جي ڪري ھو جنگين ۾ پئجي ويا، ھنن جي دؤر ۾ جنگ جو ڪاٿو ماڻھن (فوج) جي تعداد مان لڳايو ويندو ھو، يعني جنھن جي فوج جو تعداد وڌيڪ جنگ به اھو کٽندو ھو. ھنن جي جنگ جو مقصد به صرف اھو ھوندو ته وڌيڪ زرخيز علائقا فتح ڪري، اتان جي ماڻھن کي پنھنجي بادشاھي ۾ شامل ڪري اڃا وڌيڪ طاقت حاصل ڪجي.
سالن کان دريائن جي ڪنارن تي رھڻ ڪري ھنن ھڪ مخصوص قسم جو کاڌو، لباس، ٻولي ۽ رھڻي ڪھڻي اختيار ڪئي. ھنن جي مردن ۽ عورتن جو لباس مختلف ٿيندو رھيو، ذيورن جو پائڻ، مڇون رکڻ، مٿي جي وارن کي محفوظ بڻائڻ، واپار ڪرڻ ۽ ھڪ مذھب جي پيروي ڪرڻ به وجود ۾ آئي.
اوھان کي ھڪ دلچسپ ڳالھ ٻڌايان ته ھڪ کان ٻئي قبيلي ۾ شادي ڪرائڻ لاء ھنن جي رسمي رواج ۾ رخصتي مرد (گھوٽ) جي ٿيندي ھئي.
اوھان جيڪڏھن دنيا جي قديم تھذيبن بابت ڄاڻيو ته اوھان کي ٻڌائندو ھلان، دنيا جي قديم ترين تھذيبن ۾ ٽي قديم تھذيبون، ميسوپوٽيميا تھذيب جيڪا اڄ جي ملڪ عراق جي درياء دجلا ۽ فرات تي قائم ھئي، مصر جي تھذيب، جيڪا اڄ جي ملڪ مصر جي نيل درياء يا نيل نديء تي قائم ھئي. اھڙي ئي ريت سنڌو ماٿريء جي تھذيب جيڪا سنڌو درياء (مھراڻ) تي آباد ھئي.
مٿين ڳالھين مان اوھان اھا ڳالھ ضرور ذير غور آڻيون ته ھي سڀ تھذيبون دريائن جي ڪنارن تي آباد ھيون، جنھن جو سبب زراعت ھئي.