قبوسعيدخان

قبوسعيد خان ۾ ايريگيشن کاتي جي انجنيئر تي گھوٻين جو الزام

شبير مگسي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، قبوسعيدخان

قبوسعيد خان ۾ ايريگيشن کاتي جي انجنيئر تي گھوٻين جو الزام
قبوسعيد خان ۾ ايريگيشن کاتي جي انجنيئر تي گھوٻين جو الزام

شھدادڪوٽ ايريگيشن ڊويزن کاتي ۾ مبينا ڪرپشن خلاف الشھباز ايريگيشن فيڍريشن جي اڳواڻن جو عبدالطيف کوسو،علي حسن کوسو جي اڳواڻي ۾ انجنئير علي شاھ خلاف احتجاجي مظاھرو,اعليٰ اختيارن کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو،ان موقعي تي الشھباز ايريگيشن فيڍريشن جي اڳواڻن عبدالطيف کوسو,علي حسن کوسو,عبدالنبي کوسو,شعبان گاڏھي,عامر کوکر,عابد پتافي,سجاد کوسو,ذاڪر بروھي سميت ٻين چيو ته انجنيئر علي شاھ شھدادڪوٽ ڊويزن کي پنھنجي ذاتي مليڪت سمجھي ڪري سرڪاري خزاني کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ شروع ڪيو آھي ھنن چيو ته انجنيئر علي شاھ جي اچڻ سان شھدادڪوٽ ڊويزن ۾ پنھنجن من پسند ٺيڪيدارن جي نالي ڪوڙيون ايم بيون ڪرائي ۽ ڪوڙا بل ٺھرائي ڪروڙين جو ڪرپشن ڪئي آھي جڏھن ته ھن بغير ٽينڊر ۽ ڪوٽيشن جي اھڙن ته ٺيڪيدارن جي نالي پئسا ڪڍرايا آھن جن جو ڪو به وجود ڪونھي. ھنن چيو ته انجنئير علي شاھ کي ٻه مھينا ٿيا آھن جيڪو شھدادڪوٽ ڊويزن کان شڪارپور اسڪارپ ڊويزن ۾ بدلي ٿي ويو آھي، تنھن باوجود ھو غير قانوني طور ڪروڙين روپين جا ڪوڙا بل پنھنجي من پسند ٺيڪيدارن جي نالي سان ڪڍرائي رھيو آھي. ھنن وزير اعليٰ سنڌ، سيڪريٽري ايريگيشن، نيب، ايف آ۽ اي وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي,ڪرپٽ انجنيئر کي ھٽائي حڪومت جو لٽيل خزانو واپس ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button