آرٽيڪل

ڏکڻ ايشيا جو الجھيل ملڪ (حصو ٻيون)

غلام اصغر ڀٽو
بي ايس: پاڪستان اسٽڊيز۔
انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد۔
انڊيا جو ڪردارپھريان اچو ته ڀارت جي ٻين ڪارنامن تي ھڪ نظر وجھون. ڀارت 15 آگسٽ 1947 ۾ آزاد ٿيو ۽ 1948 ۾ پاڪستان جي حصي ھيٺ آيل پوري ڪشمير تي زبردستي پنھنجون فوجون موڪلي، کيس قبضي ھيٺ آڻي، ظلم جي شروعات ڪري ڏني۔ جنھن ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي راھ کي بند ڪري ڇڏيو. جنھن جو نتيجو اوھان جي اڄ به سامھون آھي۔ يعني ڪشمير جي مسئلي جي حل ٿيڻ کانسواء ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگھي. وڌيڪ ته رن آف ڪڇ يعني سر ڪريڪ واري سرحد به تڪراري بڻائي ھي علائقو پاڪستان جي صوبي سنڌ ۽ ڀارت جي رياست گجرات جي وچ تي آھي.
اڄ جي ڀارت ۾ مناودر ۽ جھوناڳڙھ واريون رياستون جن آزادي کانپو۽ پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي ھئي، کين زبردستي فوجي ظلم ھيٺ آڻي پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي اڄ به پاڪستان سان گڏ رھڻ جي لاءِ ڀارت کان آزادي ۽ کيس ظلم خلاف وڙھي رھيون آھن.
ڀارت 1965 ۾ رات جي اونداھيء ۾ پاڪستان جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪئي ۽ 1971 ۾ بنگالين کي پاڪستان جي خلاف ڪري، کين ھر قسم جي مالي ۽ جاني مدد ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ بنگلاديش 16 ڊسمبر 1971 ۾ پاڪستان کان الڳ ٿي وجود ۾ آيو، پاڪستان کان بنگلاديش جي آزاديء جا ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ آھن۔ بنگلاديش 14 آگسٽ 1947 کان 16 ڊسمبر 1971 تائين پاڪستان جو حصو رھيو آھي.
ڀارت 1962 ۾ چين سان جنگ وڙھي کيس پنھنجو دشمن بڻائي ويٺو۔ جيڪو جنگ کانپو۽ اڄ تائين کيس سرحدي معاملات حل ڪري امن سان رھڻ جي آڇ ڪري رھيو آھي. ڪجھ وقت پھريان نيپال جي فوج سان به ڀارتي فوج جون سرحدي معاملي تي چڪريون نظر ۾ آيون، بنگلاديش ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر موديء جو دورو ۽ بنگلاديشي عوام جو موديء جي خلاف سخت ردعمل پيدا ڪرڻ به ڏسڻ وٽان ھو. تازوئي ئي سري لنڪا ۾ چين جي خلاف ۽ آمريڪا جي سھاري پنھنجا پير کپائڻ ۾ مصروف آھي۔
ٿورو وقت پھريان اھا خبر ٻڌي ھئي ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ کان پو۽ ڀارت جي پوري سفارتڪاريء واري عملي کي افغانستان مان واپس ڀارت موڪليو ويو۔ دراصل ڀارت ھميشه افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪئي آھي۔ ھن جي ھميشه اھا ڪوشش رھي آھي ته ھو پاڪستان جي لا۽ ٻنھي طرفن کان خطرو پيدا ڪري سگھي۔ افغانستان کي پنھنجو بڻائڻ لا۽ ڀارت ڪيترائي پراجيڪٽ شروع ڪيا ھئا جن ۾ افغانستان جي پارليامينٽ جي بلڊنگ جو ٺھڻ، ڊيم ٺاھڻ، بجليء، ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ ٻيا به معاھدا شامل ھئا۔ ھي سڀ ڪجھ صرف ان لا۽ ڪري رھيو ھو، ته ھو پاڪستان ۾ دھشتگردي ڦھلائڻ، انھن جي مالي مدد ڪرڻ، صوبي بلوچستان ۾ بلوچ ماڻھن کي پاڪستان جي خلاف اڪسائڻ، ڪابل درياء جو پاڻي سنڌو درياء ۾ اچڻ کان روڪي پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ ھو۔ دراصل, ڪابل درياء افغانستان جو درياء آھي ھن درياء جو پاڻي سنڌو درياء ۾ اچي ڪرندو آھي۔ ڀارت ھن درياء تي ڊيم ٺاھي رھيو ھيو جنھن جو مقصد صرف پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ ھو۔ ڀارت جي مفادن ۾ پاڪستان کي دنيا ۾ دھشتگرد ملڪ قرار ڏيڻ، ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ آڻڻ، ڪشمير جي مسئلي تان ڌيان موڙڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو مفاد چين جي سي پيڪ منصوبي کي ناڪام ڪرڻ ھو۔ جنھن جي لا۽ ھو افغانستان جي سرزمين استعمال ڪري رھيو ھو۔

ڇا ڪو ملڪ ڪنھن ٻئي ملڪ جي اندر جيڪو 20 سالن کان وڌيڪ حالت جنگ ۾ آھي پنھنجي 3 بلين ڊالر يعني 512،715،676،177.20 روپين جي پئسي جو خرچ ان ملڪ جي ترقيء لا۽ ڪندو؟ اوھان جو جواب ھوندو ته نه پر ڀارت خرچ ڪري ويٺو آھي، جيڪو سڄو رائگان ٿي ويس۔ ھڪ طرف توپن جا گولا ھلي رھيا ھجن ۽ ٻئي طرف ڀارت ريل ھلائڻ لا۽ ريل جي پٽڙي وڇائي رھيو آھي۔ ھي سڀ ڪجھ ھو آمريڪا جي ٽيڪ تي ڪري رھيو ھو ته جڏھن جنگ جو نتيجو آمريڪا جي حق م ايندو ته ھو اڃا وڌيڪ پنھنجا پير ڄمائيندو، جنھن سان ڀارت کي به پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۾ رھنمائي ملندي۔ پر نتيجو اھو نڪتو جو آمريڪا کي پاڻ ئي ڀڄڻو پيو۔ آخر ۾ جڏھن طالبان ڀارت کي واپس ڪڍيو پوءِ وڃي ڀارت کي ڪجھ ڳالھ سمجھ ۾ آئي. اھا ڳالھ به ياد ڪيو ته آمريڪا به ھميشه کان پاڪستان کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي آھي، آمريڪا ڪو پاڪستان جو دوست نه بلڪ ھڪ لڪيل دشمن آھي صرف پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ لا۽ پاڪستان جي ڪجھ بلڪ نه جي برابر مدد ڪئي آھي۔
ڀارت جي افغانستان ۾ موجودگيء جي ڪوشش لا۽ سادن لفظن ۾ اوھان کي سمجھايا ته جتي آمريڪا جھڙي طاقتور ملڪ جي دال نه ڳري اتي ڀارت ويچارو ڇا ڪندو۔ !!

جيڪڏھن ڀارت جي اندروني معاملات کي ڏٺو وڃي ته ھندو انتھاپسندي، اقليتن سان ظلم، مسلمانن خلاف غير اخلاقي سرگرميون پنھنجي آئين ۾ آڻڻ، مختلف نسلي گروپن جي ويڙھ ۽ آزاديء جون تحريڪون ته عام ڳالھ ٿي وئي آھي.
ٿورو وقت پھريان ڀارت جي آرمي چيف جو بيان ھو ته ڀارتي فوج اڍائي محاذن تي نٿي وڙھي سگھي۔ ان جو مطلب ھو ته ھڪ طرف چين سان جھڙپون ٻئي طرف پاڪستان سان ۽ اڍائي يعني اڌ جو مطلب ڀارت جي اندر آزاديء جون تحريڪون ھو۔ اوھان جيڪڏھن آزاديء جي تحريڪن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻون ته معلوم ڪندؤ ته ڀارت ۾ ھن وقت ننڍيون ۽ وڏيون 20 کان 25 آزاديء جون تحريڪون ھلي رھيون آھن، جن ۾ ڪشميري تحريڪ، سکن يعني خالصتان جي تحريڪ، آسام جي تحريڪ، ناگالينڊ، ميزورام، يو اين ايل ايف، پي يو ايل ايف، نمايان آھن. وڌيڪ ته صرف آسام نالي ڀارت جي رياست ۾ 10 کان وڌيڪ آزاديء جون تحريڪون ھلن پيون۔ ھي تحريڪون اڄ به ڀارت کان آزاديء جي لا۽ جدوجھد ڪري رھيون آھن۔

ڀارت ھن وقت آمريڪا جو ايشيا ۾ وڏو اتحادي ملڪ آھي۔ کيس آمريڪا پاران استعمال ڪيو پيو وڃي، جيئن ڪنھن وقت ۾ آمريڪا اسان کي استعمال ڪري پنھنجا مفاد حاصل ڪيا.
ڀارت آمريڪا جي QUAD تنظيم جو به ميمبر آھي، ھن تنظيم ۾ چار ميمبر ملڪ آھن، جيڪي آمريڪا، آسٽريليا، ڀارت ۽ جاپان آھن. جنھن جو سڀ کان وڏو منصوبو چين جي ترقي روڪڻ ۽ ان تي نظر رکڻ آھي.
ڀارت کي بجاءِ آمريڪا جي، پاڙيسري ملڪ چين جو ساٿ ڏيڻ گھرجي ڇو جو ان ۾ ئي ڏکڻ ايشيا جو فائدو آھي۔ ڀارت جي نظر ۾ آمريڪا ئي ان جو بھتر دوست آھي۔ جيڪڏھن ڪجھ عرصو پوئتي ڏسو ته اوھان کي اھا ڄاڻ حاصل ٿيندي ته ڀارت کي آمريڪا کان ملندڙ سازوسامان ۾ گھڻي ڀاڱي ھٿيار ئي ڏنو پيو وڃي، ڀلا ڪو دوست ملڪ اھا ڳالھ چاھيندو ته جتي غربت وڌي رھي ھجي، تعليم سرگرميون بھتر نه ھجن، ملڪ ۾ لڳ ڀڳ اڌ عوام 48سيڪڙو آباديء کي ليٽرين جي سھولت نه آھي.، صحت جي سھولت نه ھجي، ملڪ جي آبادي گھڻي مقدار ۾ وڌي رھي ھجي ۽ ان دوست ملڪ کي ھيلي ڪاپٽر ۽ ٻيون جنگي سازوسامان مھيا ڪيا؟
بلڪ ٿيڻ ته ائين کپي جو آمريڪا ڀارت کي سائنسي ٽيڪنالاجي، واپاري سھولتون، تعليم، صحت، آباديء تي ضابطو آڻڻ جي لا۽ فنڊ مھيا ڪري ته جيئن شروعاتي ضرورتون ۽ معاملات بھتر بڻائي سگھجن۔ اھا ڳالھ به ذھن نشين ڪيو ته دنيا ۾ ھن وقت ڀارت سڀ کان وڌيڪ جنگي ھٿيار خريد ڪندڙ ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي آھي.

بين الاقوامي تعلقات ۾ جن ملڪن جي معيشت ۽ دفاعي صلاحيت مضبوط ھوندي آھي، اھي ملڪ ترقي يافته ملڪ سڏيا ويندا آھن. يعني فوجي طاقت ۽ معاشي حالات بھتر ھجڻ ھڪ ترقي يافتا ملڪ جون نشانيون آھن۔ اوھان آمريڪا، چين، روس، برطانيا، جاپان، جرمني، فرانس، آسٽريليا جھڙن ملڪن تي نظر وجھون ھي ملڪ ترقي يافتا ملڪ آھن، جن جي فوجي صلاحيت، سائنسي معلومات ۽ معاشي حالات بھتر آھن.
واپس اچون ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڪنھن ب ملڪ جي معاشي حالات بھتر نه آھي پر فوجي صلاحيت اھا به صرف ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪنھن حد تائين بھتر آھي۔ ياد رھي ته ھي ٻئي ملڪ ائٽمي ھٿيار رکندڙ ملڪ آھن.

ھن سڀ ڪجھ ھوندي اڄ به ڀارت پنھنجي اصليت برقرار رکندي، پاڪستان کي نقصان پھچائڻ لا۽ دھشتگردي جي مالي مدد، سرحدن جي خلاف ورزي، ڪشميرين سان ظلم، سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ، اندروني معملات ۾ ٽنگ اڻائڻ ۽ دنيا ۾ پاڪستان کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي۔ تازوئي نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم اھو چئي پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪيو ھو ته اسان کي پاڪستان ۾ دھشتگرديء جو خطرو آھي۔ پاڪستان ۾ ڪھڙي وقت به اسان تي حملو ٿي سگھي ٿو۔ ٽيم جي ڪپتان کي جيڪا اي ميل يا معلومات موڪلي وئي ھئي اھا ڀارت مان موڪلي وئي۔ يعني راند کان ويندي سياحت تائين پاڪستان کي نقصان پھچائڻ ۾ مصروف آھي۔

جيڪڏھن ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ معاشي حالات بھتر ڪرڻ طرف اچون ته، سڀ کان پھرين علائقائي تڪرار ختم ٿيڻ گھرجن. مثال جي طور تي ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ جي لا۽ چين، ڀارت، پاڪستان، اقوام متحدا ۽ عالمي تنظيمن جھڙوڪ يورپي EU يونين ۽ او آ۽ سي OIC جھڙين تنظيمن کي شامل ڪيو وڃي۔
ڀارت دھشتگرديء ۽ انتھاپسندي جي مالي مدد ڪرڻ بند ڪري، پرامن ٿيڻ لا۽ پاڙيسري ملڪن سان واپار ڪري سٺا تعلقات بڻائي.
ڪنھن به رياست کي ٻي رياست جي اندروني معاملات ۾ ٽنگ اڻائڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

SAARCتنظيم کي منظم طريقي سان اڳتي وڌائي، ميمبر ملڪن جا مسئلا جھڙوڪ؛ غربت، بيروزگاري پاڻيء جا مسئلا، تعليم، صحت، روڊ رستن جي بناوت، صاف ھوا، ماحولياتي گدلاڻ، سائنسي ٽيڪنالاجي جھڙن مسئلن تي ڪم ڪرڻ گھرجي. ياد رھي ته ھن تنظيم ۾ ڪل اٺ ميمبر ملڪ آھن جيڪي ڏکڻ ايشيا جا ئي اٺ ملڪ آھن۔ جن جا نالا آن‏ءُ پھرين ٻڌائي چڪو آھيان۔
معاشي نظام کي بھتر بڻائڻ جي لا۽ چين جھڙي پاڙيسري ملڪ سان ملي ڪري ۽ عالمي قومن سان سٺا لاڳاپا بڻائي ڏکڻ ايشيا جا معاشي معاملات بھتر بڻائي سگھجن ٿا.

نوٽ: هي حصو منھنجي لکيل ڪالم جنھن جو نالو ڏکڻ ايشا جو الجھيل ملڪ ھو جيڪو ۱۰ آڪٽوبر تي ڇپيو ان جو رھيل حصو آھي. پھرين حصي ۾ اسان ڀارت جي سرحدي تڪرار بابت ڄاڻ حاصل ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

غلام اصغر ڀٽو

غلام اصغر ڀٽو بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ بي ايس پاڪستان اسٽڊيز جو شاگرد آهي، سندس دلچسپين ۾ تحقيقي مقالا لکڻ ، ڪتاب پڙھڻ اخبارن، رسالن ۽ ڊجيٽل ميڊيا ۾ لکڻ شامل آھي.
Back to top button