آرٽيڪل

ڏکڻ ايشيا جو الجھيل ملڪ

غلام اصغر ڀٽو
بي ايس: پاڪستان اسٽڊيز۔
انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد۔

Ghulam Asgher Bhutto
غلام اصغر ڀٽو

دنيا ۾ ست کنڊ آھن۔جن مان آبادي ۽ ايراضي ۾ جي لحاظ کان ايشيا سڀ کان وڏو کنڊ آھي، جنھن جي ٽوٽل ايراضي 44،579،000 اسڪوائر ڪلوميٽر آھي. جڏھن ته آبادي 2018 جي سال تائين 4،561000،000 يا 4.561 بلين آھي. ھن کنڊ جو سڀ کان وڏو ملڪ روس جيڪو لڳ ڀڳ اڪيلو يورپ ۽ آسٽريليا کنڊن جي برابر آھي۔ يعني ھڪ طرف روس جي ايراضي ٻئي طرف ھنن ٻن کنڊن کي ملائڻ کان پو۽ واري ايراضي تقريبا برابر آھن.

ايشيا جي ڏاکڻي حصي يعني ڏکڻ ايشيا ۾ اٺ ملڪ اچي وڃن ٿا، جن ۾ ڀارت، پاڪستان، افغانستان، بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان، سريلنڪا ۽ مالديپ آھن. جڏھن ت ھنن ملڪن ۾ ڀارت ايراضي ۽ آباديء جي لحاظ کان وڏو ملڪ آھي.
ايشيا جو ھي حصو تمام گھڻو ضرورياتي شين کان محروم آھي۔ مثال جي طور رھائش لا۽ گھر، کاڌو، پائڻ لا۽ ڪپڙا، تعليم، صحت، سائنسي ڄاڻ، غربت، بيروزگاري، آبادگاري ۽ پيئڻ جي لا۽ صاف پاڻيء جي کوٽ مختلف قسمن جون بيمارين جھڙا مسئلا عام آھن۔ اڃان وڌيڪ ته ھتي دھشتگردي، انتھاپسندي، سرحدي تڪرار، فوجي قوت وڌائڻ، آزاديء جون تحريڪون، نسلي فرق، فرقيواريت به پنھنجي عروج تي آھي۔
گھڻن وسيلن ۽ تڪراري مسئلن جي ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ اڪثريت سان ملڪ پنھنجو گھڻو پئسو فوجي صلاحيت، جھڙوڪ؛ جنگي جھازن ۽ ھيلي ڪاپٽرن جي خريداري، ميزائيل ۽ ائٽمي ھٿيارن جي بناوت تي خرچ پيا ڪن۔ جنھن جي ڪري باقي ضرورتون پوريون ٿي ڪونه ٿيون سگھن۔
واپس پنھنجي متن تي اچون ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ معاشي حالات جي ناڪاميء جو سڀ کان وڏو ذميوار ڀارت آھي۔ ھي واحد ملڪ آھي جنھن جي سوائي افغانستان کان باقي سرحدي ملڪن سان زميني يا سامونڊي سرحدي تڪرار ھلندو اچي رھيو آھي. جنھن جي ڪري خطي جي ھر ترقيء واري راھ بند ٿيندي پئي اچي.
جيڪڏھن اوھان ڀارت جي نقشي تي غور ڪندا ته ھن ملڪ جي اتر ۾ چين، نيپال ۽ ڀوٽان آھن، اولھ ۾ پاڪستان، اوڀر ۾ بنگلاديش ۽ ميانمار ڏکڻ ۾ سمنڊ ھن سمنڊ ۾ سريلنڪا ۽ مالديپ ملڪ آھن جن سان ڀارت جي سامونڊي سرحد ملي ٿي۔ چين جي ڀارت سان سرحد ميڪموھن لائين جي نالي سان آھي آھي۔ جيڪا لڳ ڀڳ 3488 ڪلو ميٽر آھي ھن سرحد جو اڌ کان وڌيڪ حصو تڪراي آھي. مثال جي طور اڪسائي چن، گيم چانڪ، ڊئم چانڪ، لداخ، اروناچل پرديش، وادي گلوان، ھيماچل پرديش ۽ سڪم وارا سرحدي علائقا تڪراري آھن۔ ھنن علائقن ۾ گھڻي ڀاڱي ٻنھي ملڪن جي فوجن جون نظر اچن ٿيون. ھن سرحد تي ٻ ٻيا ملڪ ب موجود آھن۔ جن جي اتر واري سرحد چين سان ۽ ڏکڻ واري سرحد ڀارت سان آھي۔ ھي ملڪ نيپال جنھن جي ڀارت سان سرحد 1772 ڪلو ميٽر آھي ۽ ڀوٽان جنھن جي سرحد 578 ڪلوميٽر آھي۔ وڌيڪ معلومات حاصل ڪريون ته ھنن ٻنھي ملڪن جي ڏاکڻي يعني ڀارتي سرحد جو ڪجھ حصو تڪراري آھي۔ مثال جي طور تي ڪالاپاني وارو علائقو ڀارت ۽ نيپال جي وچ تڪراري علائقو آھي، ساڳي طرح دوڪلام واري علائقي تي به ڀوٽان جون جھڙپون آھن۔ ڀارت جي اوڀر ھڪ مسلمان ملڪ آھي جيڪو بنگلاديش آھي، ھي ڀارت سان ڊگھي ۾ ڊگھي سرحد رکي ٿو، ڀارت سان سرحدي ڊگھائي 4096 ڪلوميٽر آھي ۔ ھن ملڪ جي ڀارت سان سرحدي ۽ ڪنھن ٻيٽ تي به تڪراري آھي۔ ڀارت جي اولھ ۾ پاڪستان آھي۔ جنھن سان به ڪشمير جي ايراضيء تي تڪرار ھلي رھيو آھي۔ ياد رھي ته ڪشمير صرف ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تڪراري علائقو نه آھي بلڪه چين، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تڪراري علائقو آھي. اھا ڳالھ مون پھريان لکيل آرٽيڪل جيڪو ڇنڇر آڪٽوبر 02، 2021 ۾ ڇپيو ان ۾ واضع ڪئي ھئي.
اڳتي ھلون ته ڀارت جي ڏکڻ ۾ انڊين اوشين INDIAN OCEAN يعني سمنڊ آھي۔ ھن سمنڊ ۾ ملڪ آھن جيڪي ٻيٽ جي صورت ۾ واقع آھن۔ جن سان ڀارت جي سامونڊي سرحد لڳي ٿي، ھي ملڪ سريلنڪا جنھن جي گاديء جو ھنڌ ڪولمبو آھي، جنھن سان سامونڊي سرحد ڪنھن حد تائين واضع نه آھي، مالديپ جنھن جي گاديء جو ھنڌ مالي آھن۔ ڪنھن حد تائين ھي سامونڊي سرحدون به تڪراري آھن۔
يعني ڀارت چئن ئي طرفن کان سرحدي تڪرار ۾ الجھيل آھي۔

وڌيڪ ڏيکاريو

غلام اصغر ڀٽو

غلام اصغر ڀٽو بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ بي ايس پاڪستان اسٽڊيز جو شاگرد آهي، سندس دلچسپين ۾ تحقيقي مقالا لکڻ ، ڪتاب پڙھڻ اخبارن، رسالن ۽ ڊجيٽل ميڊيا ۾ لکڻ شامل آھي.
Back to top button